Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
توبه ڪرڻ جا تمام گهڻا فائدا آهن، انهن مان هڪ بهترين فائدو هي آهي ته الله پاڪ چاهي ته توبه جي برڪت سان گناهن کي نيڪين ۾ تبديل فرمائي ڇڏيندو آهي. سيپارو 19، سورة الفرقان، آيت: 70 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
اِلَّا مَنْ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓئِکَ یُبَدِّلُ اللّٰہُ سَیِّاٰتِہِمْ حَسَنٰتٍ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا (۷۰)
(پارہ :19 ،سورۂ فرقان:70)
ترجموڪنزالعِرفان: پر جيڪو توبھ ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ چڱو ڪم ڪري ته اهڙن جي برائين کي نيڪين سان بدلائي ڇڏيندو.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، جيڪو ٻانهو سچي توبه ڪري، الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي پختو ايمان رکي ۽ توبه کان پوءِ گناهن ڏانهن واپس نه موٽي بلڪه نيڪيون ڪري، الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مصروف رهي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ ان جي گناهن کي نيڪين ۾ تبديل فرمائي ڇڏيندو[1].
مجھے سچّی توبہ کی توفیق دیدے پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!
گناهن جي نيڪين ۾ تبديلي جي حڪايت
غيب ٻڌائيندڙ نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي بارگاھِ الٰهي ۾ پيش ڪيو ويندو، حڪم ٿيندو: هن جا ننڍا گناھ هن تي پيش ڪيو! پوءِ هڪ هڪ ڪري هن جا گناھه پيش ڪيا ويندا، هو هر گناھه جو اقرار ڪندو ويندو ۽ ڊڄندو هوندو ته اڃا وڏن گناھن جي واري