Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

هڪ صحيفو ڏنو ويندو آهي ۽ حڪم ٿيندو آهي: ان ۾ جن جا نالا لکيل آهن، انهن جي روح هن سال قبض ڪري وٺ. افسوس! ماڻهو شادي وياھ ۾ مصروف هوندو آهي، گھر جي تعمير ۽ ترقي ۾ لڳل هوندو آهي جڏهن ته ان جو نالو مُردن جي فهرست ۾ لکيو وڃي چڪو هوندو آهي.[1]

بے وفا دُنیا پہ مت کر اِعتبار                                                                                تُو اچانک موت کا ہو گا شکار

موت آ کر ہی رہے گی یاد رکھ!                                                                      جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                        صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

شب براءت اچڻ کان پهريان ڪرڻ جا 3 ڪم

پيارا اسلامي ڀائرو! شبِ براءت تي اعمال ناما تبديل ٿيندا آهن، تنهن ڪري هن رات جون برڪتون لٽڻ، مغفرت ۽ بخشش جي خيرات حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر آهي ته شبِ براءت اچڻ کان پهريان هي 3 ڪم لازمي ڪيا وڃن:  

(1) توبه ڪري وٺو!

14 شعبان المعظم جي شام سج لهڻ جي وقت ڇوته گذريل سال جو اعمال نامو ويڙهيو ويندو آهي، ان ڪري بهتر آهي ته شبِ براءت اچڻ کان پهريان توبه ڪئي وڃي. حديثِ پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي:اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّاذَنْبَ لَہٗ گناه کان توبه ڪرڻ وارو اهڙو آهي ڄڻ  هن گناھ ڪيو ئي نه آهي[2].


 

 



[1] در منثور، پارہ :25، سورۂ دخان، تحت الآیۃ:4، جلد:7، صفحہ:402

[2] ابن ماجہ، کتابُ الزُّہد، جلد:4، صفحہ:491، حدیث:4250۔