Book Name:Shab e Barat Ke Fazail
ذاتِ والا پہ بار بار درود بار بار اور بے شمار درود
بے عدد اور بے عدد تسلیم بے شمار اور بے شمار درود([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سيپارو: 25، سُوره دُخّان، آيت: 3 ۽ 4 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو):
اِنَّاۤاَنْزَلْنٰہُ فِیْ لَیْلَۃٍ مُّبٰرَکَۃٍ اِنَّا کُنَّا مُنْذِرِیْنَ (۳) فِیْہَا یُفْرَقُ کُلُّ اَمْرٍ حَکِیْمٍ ۙ(۴)
(سيپارو: 25، سورة دخان ، آيت: 4۔3)
ترجموڪنزُالعِرفان: بيشڪ اسان اُن کي برڪت واري رات ۾ لاٿو. بيشڪ اسان ڊيڄارڻ وارا آهيون. اُن رات ۾ هر حڪمت وارو ڪم ورهايو ويندو آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
قرآنِ ڪريم جي هنن آيتن ۾ هڪ بابرڪت رات جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هن رات ۾ هر حڪمت وارو ڪم تقسيم ڪيو ويندو آهي. هتي هن بابرڪت رات مان ڪهڙي رات مراد آهي، ان بابت مفسرين ڪرام جا 2 قول آهن:
هڪ قول ته هي آهي ته ان مان مراد شبِ قدر آهي جيڪا هر سال رمضان المبارڪ ۾ ايندي آهي، ان ئي بابرڪت رات ۾ قرآنِ ڪريم نازل ٿيو ۽ ان ئي رات ۾ هر حڪمت وارو ڪم تقسيم ڪيو ويندو آهي. ٻيو قول هي آهي ته ان مان مراد اڌ شعبان جي رات يعني شبِ براءت آهي.[2]