Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

انهن کي رات جو قيام (يعني نوافل جي ڪثرت) ڪندي نه ڏٺو، ها! ايترو ضرور هو ته جڏهن هو پنهنجي بستري تي پاسا بدليندو هو ته ذڪرُ اللہ ڪندا هئا. هڪ سٺي عادت ان جي اها به هئي ته اهو سٺي ڳالهه چوندو هو يا خاموش رهندو هو. جڏهن 3 راتيون گذري ويون ته مون انهن کي اصل ڳالهه ٻڌائي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  3 ڏينهن مسلسل جنت جي بشارت عطا فرمائي ۽ ٽنهي ڏينهن ان بشارت جا مستحق توهان ئي هئا. مان چاهيان ٿو ته توهان وٽ رهي توهان جو عمل ڏسان، پر مون کي ته توهان جو ڪو عمل وڌيڪ نظر نه آيو. ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمايو: منهنجو عمل ته اهو ئي آهي جيڪو توهان ڏسي چڪا آهيو، البته هڪ عمل وڌيڪ آهي اهو آهي ته مان پنهنجي دل ۾ ڪنهن مسلمان لاءِ ڪينو ناهيان رکندو ۽ نه ئي ڪنهن مسلمان کي ملڻ واري نعمت تي حسد ڪندو آهيان. حضرت عبد اللہ بن عمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمايو: ها! هُي ئي اهو وصف (Quality)  آهي جنهن توهان کي هن مقام تائين پهچائي ڇڏيو آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان! دل کي پاڪ رکڻ، دل ۾ ڪنهن جو بغض ۽ ڪينو نه اچڻ ڏيڻ، ڪنهن کان حسد نه رکڻ، ڪنهن جي متعلق دل ۾ ميرُ نه رکڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي ۽ ٻئي طرف غور ڪيو ته دل ۾ بغض رکڻ وارو، حسد جو نانگ دل ۾ پالڻ وارو ڪيڏو بدبخت آهي جو شبّ براءت تي به بخشش ۽ مغفرت کان محروم رهندو آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته شبّ براءت اچڻ کان پهريان پنهنجون دليون صاف ڪري وٺون، جيڪڏهن ڪنهن جي متعلق دل ۾ ڪجهه ميرُ آهي ته ان کي ٻاهر ڪڍي اڇلايو، ڪنهن سان ناراضگي آهي ته دور ڪري ڇڏيو، ڪنهن مائٽ سان رنجش هلي رهي آهي، ڪنهن به دنياوي


 

 



[1] شُعَبُ الایمان، جلد:5، صفحہ:264، حدیث:6605 ۔