Shab e Barat Ke Fazail

Book Name:Shab e Barat Ke Fazail

مثال طور ايندڙ سال ڪنهن کي ڪيتري روزي ڏني ويندي، ڪير خوش نصيب حج ڪندو، ڪير مري ويندو، ڪير زنده رهندو وغيره سڀ ڪجهه فرشتن کي ٻڌائي ڪري ان ڪم تي انهن جون ڊيوٽيون لڳايون وينديون آهن. (2) هن رات ۾ عبادت جا خاص فضائل آهن، مثال طور: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ٻانهو شبِ براءت ۾ 100 رڪعتون نفل پڙهندو، الله پاڪ ان وٽ 100 فرشتا موڪليندو آهي، انهن مان 30 فرشتا ان کي جنت جي بشارت ڏيندا آهن، 30 فرشتا ان کي جهنم کان آزادي جي خوشخبري ٻڌائيندا آهن، 30 فرشتا ان کي دنياوي آفتن کان بچائيندا آهن ۽ 10 فرشتا ان جي شيطان کان حفاظت ڪندا آهن.[1]

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي سعادت جي ڳالهه آهي، جيڪو ٻانهو شبِ براءت ۾ 100 نفل پڙهندو آهي، ان کي: (1) فرشتا جنت جي بشارت ڏيندا آهن. (2) فرشتا جهنم کان نجات جو پروانو ٻڌائيندا آهن. (3) فرشتا ان کي دنياوي آفتن ۽ شيطان کان بچائيندا آهن.

  افسوس! اسان وٽ ماڻهو جهنم جي باهه کان آزادي جي هن رات آتش بازي ڪندا آهن، پٽاڪا ڦاڙيندا آهن ۽ ٻيا به ڪيترائي گناهن ڀريا ڪم ڪيا ويندا آهن، شبِ براءت خاص طور تي عبادت جي رات آهي، تنهن ڪري هن بابرڪت رات ۾ گناهن کان بچي عبادت ۾ مصروف رهڻ ئي سعادت آهي. (3) امام رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن رات جي ٽين خصوصيت هيءَ ارشاد فرمائي نُزولُ الرَّحْمَۃ (يعني هن رات الله پاڪ جون رحمتون ڇما ڇم وسنديون آهن)


 

 



[1] تفسیر کبیر ،پارہ :25،سورۂ دخان ،زیر آیت :3،جلد:9،صفحہ:653۔