Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

سان هيئن سمجهو ته مديني شريف وڃڻ وارا جهاز روزانو اڏام ڪن ٿا، پر انهن ۾ ويهي مديني شريف پهچندو ڪو ڪو آهي. جهاز جو مديني شريف وڃڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ منهنجو ان ۾ ويهي مديني مُنَوَّرَه پهچڻ الڳ ڳالهه آهي، ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. ايئن ئي قرآنِ پاڪ ڪتابِ هدايت آهي، دنيا ۾ جيترا ماڻهو موجود آهن، ڪو ڪافر آهي، مسلمان آهي، عالِم آهي، عابد آهي، نيڪ آهي، گناهگار آهي، دنيا جي هر انسان لاءِ، ان جي زندگي جي هڪ هڪ لمحي لاءِ، ننڍپڻ کان وٺي پوڙهائپ تائين زندگي جي هر مرحلي لاءِ قرآنِ پاڪ هدايت ئي هدايت آهي پر هر ڪو ان کي پڙهي، پڙهي ڪري سمجهي، سَمجِهي ڪري ان هدايت کي قبول به ڪري، ائين ناهي ٿيندو، ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ان هدايت کان محروم رهندا آهن. ڏسو! ابوجهل قرآن ٻڌو به، ان کي عربي به سمجهه ۾ ايندي هئي پر ان هدايت کي قبول نه ڪيو. ڪيترا ڪافر هئا جن چنڊ کي ٻه ٽُڪرا ٿيندي ڏٺو، پٿرن کي ڪلمو پڙهندي ٻڌو، وڻن کي سجدو ڪندي ڏٺو پر انهن ڪلمو نه پڙهيو، هدايت واري ڪتاب جي هدايت کي قبول نه ڪيو.

مڪي جي وڏي ڪافر جا اهي لفظ تاريخ جي ڪتابن ۾  On The Record موجود آهن، ان چيو هو: آسمان جي هيٺان (يعني سڄي دنيا ۾) مُحَمَّد  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کان وڌيڪ سچو ڪو به ناهي. يعني اهي ڪافر ڄاڻيندا به هئا، مڃيندا به هئا ته مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سچا آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم تي نازل ٿيڻ وارو پاڪيزه ڪلام قرآنِ پاڪ به سچو آهي پر پوءِ به انهن هِن هدايت کي قبول نه ڪيو. ([1])


 

 



[1]...دلائل النبوۃلابی نعیم،فصل رابع وعشرون،قصہ عتیبہ ،صفحہ:272۔