Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
قُرآنِ پاڪ ڄڻ ته رحمت جي برسات آهي، آسمان مان برسات سڀني تي هڪجهڙي وسندي آهي، پر جڏهن اها زرخيز زمين تي وسندي آهي ته ان جي برڪت سان چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويندي آهي، ميوا پچندا آهن، گُلَ ٽِڙندا آهن. پر جڏهن اها ئي برسات گندَ جي ڍير تي وسندي آهي ته اتان بدبوءِ اٿندي آهي. قرآن ڪريم هدايت جي بارش آهي، هي سڀني لاءِ ڪتابِ هدايت آهي، پر انسانن جون دليون مختلف آهن جن جي دل جي زمين زرخيز(سرسبز) آهي، جڏهن اهي قرآن پاڪ جون آيتون ٻڌندا آهن ته انهن جي دل ۾ ايمان ۽ يقين جا گل ٽڙندا آهن، نيڪي، روحانيت، توبهه ۽ محبتِ الهي جا ميوا لڳندا آهن ۽ جن جي دل جي زمين زرخيز(سرسبز) نه آهي بلڪه ڪچري جو ڍير آهي، اهي جڏهن قرآن جون آيتون ٻڌندا آهن ته انهن مان بي شمار بدبوءِ ڦهلجندي آهي.
مطلب ته قرآن ڪريم ته هدايت جو ڪتاب آهي، سڀني انسانن لاءِ هدايت آهي پر ان هدايت کي قبول ڪرڻ لاءِ دل جي زمين جو زرخيز (سرسبز) هجڻ به ضروري آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙا خوش نصيب آهن جن جي دل جي زمين زرخيز(سرسبز) آهي؟ اهي ڪير آهن جيڪي قرآني هدايت کي قبول ڪري ڪاميابي ماڻيندا آهن؟ يا ائين چئو ته هن ڪتابِ هدايت مان هدايت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي دل کي ڪيئن زرخيز(سرسبز) بڻائي سگهون ٿا؟ ان حوالي سان سُورَۃُ البَقَرَہ جي 4 آيتن(آيت: 2، 3، 4، ۽ 5) ۾ هدايت قبول ڪرڻ وارن جا 4 اوصاف ۽ انهن جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي.
اچو ته انهن پاڪيزه وصفن جو بيان، ان جذبي ۽ نيت سان ٻڌون ته اسان به اهي 4 اوصاف اختيار ڪنداسين ته جيئن اسان جي دل جي زمين به