Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

اڪيلو ھليا، مشڪلاتون به آيون، کين ستايو به ويو، ماڻھن ڌڪا به ڏنا، طعنا به ٻڌڻا پيا، برو ڀلو به چيو ويو، سندن جي خلاف ڪتاب به لکيا ويا، مارڻ جون سازشون به ڪيون ويون پر کين ثابت قدم رھيا، ايستائين جو سندن تي قاتلاڻو حملو به ٿيو پر کين ثابت قدم رھيا، صبر ڪندا رھيا، برداشت ڪندي استقامت سان، حڪمتِ عملي سان اڳتي وڌندا رھيا، وڌندا رھيا ايستائين جو سندن جي ٺاھيل پياري تحريڪ دعوتِ اسلامي اڄ سڄي دنيا ۾ عام ٿي وئي آھي، اڄ صبر اُھو رنگ لاتو، سندن جي ڪاوشن سان اڄ سڄي دنيا دين جو ڪم ٿي رھيو آھي ۽ وڏا وڏا علماءِ ڪرام، مفتيانِ ڪرام، وڏا وڏا پير، سجادہ نشين سندن کي سلامِ عقيدت پيش ڪندي چئي رھيا آھن:

مسلک کا تُو امام ہے الیاس قادری!                                              تدبیر تیری تام ہے الیاس قادری!

تنہا چلا تو ساتھ تیرے ھو گیا جہاں                                                         میٹھا تیرا کلام ہے الیاس قادری!

ہے دعوت اسلامی کی دنیا میں دھوم دھام                مقبول تیرا کام ہے الیاس قادری!

ھي آھي صبر جو نتيجو...!! تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان صبر ڪريون، برداشت ڪريون، مشڪل اچي، پريشاني اچي، مصيبت اچي، استقامت سان، حڪمتِ عملي سان پنھنجي مقصد ڏانھن وڌندا رھون،
 اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ھڪ ڏينھن ڪاميابي اسان جا قدم چمندي.

صبر ڪيستائين ڪيون...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ماڻھو ڪيئي ڀيرا صبر ته ڪري وٺندا آھيون پر صبر جو جيڪو ٽائيم پيريڊ (Time period) ھوندو آھي، ان کي پورو ناهيون ڪري سگهندا. ياد رکو! ڪاميابي جي حصول تي صبر جو دورانيو به تمام اثر انداز ٿيندو آھي. جنھن ڪاميابيءَ لاءِ 3 ڪلاڪن جو صبر گھرجي، ان لاءِ اسان کي 3 ڪلاڪ ئي صبر ڪرڻو پوندو، 2 ڪلاڪ صبر ڪنداسين ته ڪم نه بڻجندو، جنھن ڪاميابيءَ لاءِ اسان کي 10 سال صبر جي ضرورت آھي، ان لاءِ 10 سال ئي صبر ڪرڻو پوندو، ائين صبر جي