Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

الله پاڪ فرمايو:

وَ لَمْ تَكُنْ لَّهٗ فِئَةٌ یَّنْصُرُوْنَهٗ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَ مَا كَانَ مُنْتَصِرًاؕ(۴۳) هُنَالِكَ الْوَلَایَةُ لِلّٰهِ الْحَقِّؕ-  (پارہ:15،سورۂ کہف:43 -44)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان وٽ ڪا جماعت نه هئي جيڪا الله جي اڳيان ان جي مدد ڪري ها ۽ نه ئي اهو پاڻ بدلو وٺڻ جي قابل هو. هتان پتو پيو ته سمورو اختيار الله سچي جي ئي لاءِ آهي.

هي آهي سمجهڻ جي ڳالهه...!

الْوَلَایَةُ لِلّٰهِ الْحَقِّؕ-

اختيار ڪنهن جو آهي؟ سچي الله پاڪ جو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ڪڏهن به وڏائي نه ڪريون، هميشه عاجزي ڪندڙ بڻجي رهون.

(5) ريا ڪاري

الله پاڪ وڌيڪ فرمايو؛

وَ رِئَآءَ النَّاسِ (پارہ:10،سورۂ انفال :47)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي.

هي مڪي جي ڪافرن جي شڪست جو ٻيو سبب آهي: رياڪاري، ڏيکاءُ، شهرت. جيڪڏهن اسان ڪاميابي چاهيون ٿا ته اسان تي لازم آهي ته هميشه شهرت کان بچندا رهون. اسان جو هر ڪم صرف ۽ صرف الله تعاليٰ جي رضا لاءِ هجي. شهرت جي ذريعي جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪاميابي ملي ويندي آهي پر اها حقيقت ۾ ڪاميابي ناهي هوندي بلڪ پاڻي تي بيٺل هڪ عمارت هوندي آهي جيڪا جلد ئي زمين تي ڪري پوندي آهي.

يقين ڄاڻو! ڏيکاءُ انسان جي ذلت ۽ ناڪامي جو وڏو سبب آهي، ڪا نيڪي ڪري، ان جو چرچو ڪرڻ، شهرت جي خواهش رکڻ سٺي ڳالهه ناهي بلڪه نحوست جو سبب آهي.