Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
ٻئي نمبر تي الله پاڪ ارشاد فرمايو؛
وَ لَا تَنَازَعُوْا (پارہ:10،سورۂ انفال :46)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پاڻ ۾ بي اتفاقي نه ڪيو.
هي ڪاميابي جي ٻئي شرط آهي ته اسان پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد سان رهون، پاڻ ۾ جهيڙن جهڳڙن ۽ نفساني اختلاف کان بچندا رهون. جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ لڙائي جهڳڙو ڪنداسين ته ڇا ٿيندو؟ هتي ان جا 2 اهم بنيادي نقصان ٻڌايا ويا، فرمايو:
فَتَفْشَلُوْا (پارہ:10،سورۂ انفال :46)
ترجمو ڪنز الايمان: نه ته توهان بزدل ٿي ويندؤ.
"هڪ هڪ ٿيندو آهي ۽ ٻه يارهن ٿيندا آهن، جيڪڏهن اسان لڙائي جهڳڙو ڪنداسين ته اسان جي طاقت گهٽ ٿي ويندي، اسان اڪيلا اڪيلا رهجي وينداسين ۽ هي ڪمزوري اسان جي اندر بزدلي پيدا ڪري ڇڏيندي. ۽ ٻيو نقصان اهو ٿيندو ته...
وَ تَذْهَبَ رِیْحُكُمْ (پارہ:10،سورۂ انفال :46)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ توهان جي هوا (قوت) ٽٽي ويندي.
هوا ويندي رهندي مطلب: توهان جي طاقت الڳ الڳ ٿي ويندي ۽ توهان جي اندر اها طاقت نه رهندي جنهن جي ذريعي توهان ڪامياب ٿي سگهو.
اڄ اسان پنهنجي معاشري جو جيڪڏهن جائزو وٺون ته اسان جي ناڪامين ۽ عالمي طور تي مسلمانن جي تنزلي جي هڪ وڏي وجهه اها آهي ته اسان وٽ لڙائي جهڳڙا عام آهن * ڪٿي ذات جي بنياد تي * ڪٿي نسل جي بنياد تي * ڪٿي رنگ جي بنياد تي ۽ * ڪٿي خطن جي بنياد