Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا (پارہ:10،سورۂ انفال :47)
ترجمو ڪنزالعرفان: پنهنجي گهرن مان وڏائي ڪندي نڪتا.
هي
ناڪاميءَ جو بنيادي سبب آهي؛ *
تڪبر۔ * وڏائي ڪرڻ،
* پنهنجي ٻانهن تي * پنهنجي
طاقت تي،* پنهنجي
عقل تي،* پنهنجي دولت تي * پنهنجي
ذهانت تي ڀروسو ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته مان هي ڪم ڪري وٺندس، هي شيءِ انسان
کي تباھ ڪري ڇڏيندي آهي.
روايتن جي مطابق جڏهن مڪي جا ڪافر بدر جي ميدان لاءِ گهرن مان نڪتا ته هو غرور ۽ تڪبر جي نشي ۾ مست هئا. ابوجھل چيو هو: خدا جو قسم! اسان شان و شوڪت سان بدر تائين وينداسين، اتي اٺ ذبح ڪنداسين ۽ خوب کائينداسين، کارائينداسين، شراب پيئنداسين نچڻ ڳائڻ جون محفلون سجائينداسين ۔([1]) هي انهن جو غرور هو، پوءِ ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ مڪي جي ڪافرن کي عبرتناڪ شڪست ٿي.
هي صرف هڪ واقعو بدر جو ئي ناهي، تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. تاريخ جون ڪتابون پڙهي ڏسو، اڄ تائين جنهن به غرور ڪيو، تڪبر ڪيو، ان جو ڪنڌ هيٺ ئي ٿيو آهي.
فرعون چيو هو؛
اَنَا رَبُّكُمُ الْاَعْلٰى٘ۖ(۲۴) (پارہ:30،سورۂ نازعات :24)
ترجمو ڪنزالعرفان:. مان توهان جو سڀ کان اعلٰي رب آهيان.
ان جو غرور ٽٽيو ۽ ان کي غرق ڪيو ويو* نمرود وڏائي ڪئي، تڪبر ڪيو، الله پاڪ ان کي مڇر جي ذريعي تڪليف ڏئي ڏئي ڪري ھلاڪ ڪري ڇڏيو. * قارون چيو: منھنجو مال آھي، مون پنھنجي علم جي طاقت تي حاصل ڪيو آھي، ان کي ۽ ان جي مال کي زمين ۾ دٻايو ويو. * ابوجہل تڪبر ڪيو، وڏائي ڪئي، ان پنھنجي طاقت، پنھنجي فن ۽