Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

ڪاميابي ۽ صبر

حضور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  پيدائشي ولي آھن، ان جي باوجود سندن 40 سال مجاھدات ڪيا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون تي تمام گھڻيون سختيون رکيون ويون ۽ جڏھن سختيون انتھا کي پھچي ويون ته مان زمين تي ليٽي ڪري هيءَ تلاوت ڪندو ھئس:

فَاِنَّ مَعَ الْعُسْرِ یُسْرًاۙ(۵) اِنَّ مَعَ الْعُسْرِ یُسْرًاؕ(۶) (پارہ:30،سورۂ الم نشرح :5-6)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن. بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن.

پوءِ (ان مبارڪ آيتن جي برڪت سان) اُھي تمام سختيون مون کان پري ٿي وينديون هيون. ([1])

ھي ڪاميابيءَ جو ھڪ پراسس(Process) آھي، اسان کي ان پراسس مان گذرڻو ئي پوندو آھي، تنگي سان گڏ ئي آساني آھي، جيڪڏھن اسان تنگي برداشت ئي نه ڪيون، ان تي صبر ئي نه ڪيون ته اسان آسانيءَ تائين ڪيئن پھچي سگھنداسين ۽ ان جي برعڪس اسان جيتريون تنگيون برداشت ڪندا وينداسين، اوتريون ئي اسان لاءِ آسانيون اينديون وينديون.

ائين ڪڏھن به ناهي ٿيندو ته اسان پھريون ئي قدم کڻون ۽ ڪاميابي اسان جي سامھون اچي بيھي رھي. صبر ڪرڻو پوندو آھي، مشڪلات مان گذرڻو پوندو آھي.

اميرِ اھلسنت جو صبر ۽ ڪاميابي

اڄ جي دور جي لحاظ کان اسان جي سامھون شيخِ طريقت، اميرِ اھلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتہم العاليہ ھڪ رول ماڊل(A Role Model) آھن، ڪيئي سال پهريان جي ڳالھ آھي، سندن ھڪ مقصد اپنايو ته مون کي پنھنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻھن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آھي، سندن ان مقصد جي پوري ٿيڻ لاءِ


 

 



[1]...طبقات الکبریٰ ،للشعرانی ،صفحہ:181۔