Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)
مسئلو: سحري جو وقت ختم ٿيڻ کان اڳ شرعي سفر ڪيو ته روزو ڇڏي سگهجي ٿو.
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته جنهن ڏينهن سفر ڪرڻو آهي ان ڏينهن روزو ڇڏي سگهجي ٿو. اصل مسئلو هي آهي: جيڪڏهن صبح صادق جي وقت حالتِ سفر ۾ هجي ته روزو ڇڏي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن صبح صادق کان پوءِ سفر شروع ڪرڻو هجي ته ان ڏينهن جو روزو نٿو ڇڏي سگهجي. ياد رهي! حالت سفر ۾ جيترا به روزا ڇڏيا وڃن، بعد ۾ انهن جي قضا ڪرڻي پوندي.
اسماء الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَا مُتَکَبِّرُ
جنهن کي به ڊيڄاريندڙ خواب ايندا هجن ته اهو روزانو 21 ڀيرا یَا مُتَکَبِّرُ پڙهي وٺي ته خواب ۾ نه ڊڄندو. ([1]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم !