Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

شريڪ نه آهي، اهو ئي اسان جو مالڪ آهي، اهو ئي اسان جو خالق آهي، اهو ئي اسان جو رازق آهي، حضرت مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندس رسول، ۽ سندس محبوب آهن ته پوءِ اسان تي لازم آهي ته اسان الله پاڪ ۽ سندس رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪامل طور تي فرمانبرداري ڪريون.

اطاعت ڪاميابيءَ جي پهرين شرط آهي

ٻين قومن جو انداز چاهي ڪهڙو به هجي، البت هڪ مؤمن ٻانهي لاءِ ڪنهن به سطح تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ الله ۽  ان جي رسول جي اطاعت ڪرڻ پهرين شرط آهي. جنهن کي يقين نه هجي اهو تاريخ کڻي ڏسي، ته مسلمانن جيسيتائين الله ۽ رسول جي احڪامن تي پنهنجو سر جهڪايو، ڪاميابي انهن جو مقدر بڻي ۽ جڏهن مسلمانن الله ۽ رسول جي نافرماني ڪئي، ته انهن کي ذلت ۽ رسوائيءَ جو ئي منهن ڏسڻو پيو.

غزوهءِ بدر کي ئي ڏسي وٺو! 313 مسلمانن جي عظيم الشان فتح جي سببن مان هڪ بنيادي سبب اطاعت ۽ فرمانبرداري آهي. الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان کي وٺي مدينہءِ مُنَوَّره کان روانا ٿيا، ان وقت جنگ جي ارادي سان روانگي نه هئي، مقصد ڪجهه ٻيو هو، رستي ۾ معلوم ٿيو ته مڪي جا ڪافر لشڪر وٺي ميدانِ بدر ۾ گڏ ٿي رهيا آهن، ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان کان مشورو فرمايو ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي! مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق ۽ مسلمانن جي ٻي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم ۽ ٻين مهاجر صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! (اوھان جي لاءِ ئي مڪو ڇڏيو، پنهنجا گھر ٻار قربان ڪيا) هاڻي پنهنجون زندگيون به قربان ڪنداسين. پوءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم انصار ڏانهن رخ ڪيو، حضرت سعد بن عباده رَضِیَ اللہُ عنہ اٿي بيٺا، ۽ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! شايد اوهان اسان کان راءِ( مشورو) وٺڻ چاهيو ٿا. اي الله پاڪ جا آخري نبي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! ميدانِ بدر ته