Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

ٻئي ڏينهن مسجد جي دروازي تي ماڻهو گڏ هئا، انهن باهمي مشوري سان سندن کي مسجد جو مُتَوَلّي بڻائي ڇڏيو. ([1])

معلوم ٿيو رياڪاري اها بدترين بيماري آهي جيڪا اسان جي ڪاميابي جي ڏاڪڻ کي ناڪامي جو سبب بڻائي ڇڏيندي آهي. تنهنڪري اسان کي هميشه رياڪاري، ڏيکاءُ ۽ شهرت کان بچندو رهڻ گهرجي. پهرين دور جي مسلمانن جي ڪاميابي جو بنيادي سبب ئي اهو هو ته اهي ڪنهن ٻي شيءِ جا طلبگار نه هئا، اهي الله ۽ ان جي رسول جي رضا چاهيندا هئا، جڏهن ته اسان جي ناڪامين جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان دنيا چاهيون ٿا، پيئسا چاهيون ٿا، منصب ۽ پنهنجو نالو چاهيون ٿا. الله پاڪ اسان کي رياڪاري جي هن آفت کان محفوظ فرمائي. ڪاش! اسان جو هر عمل الله پاڪ جي رضا لاءِ ٿي وڃي.

مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                                                                       کر اِخلاص ایسا عطا یَاالٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                                                           کرم ہو کرم یَاخدا!  یَاالٰہی!

(6) راههِ خدا کان روڪڻ

الله پاڪ ارشاد فرمايو:

وَ یَصُدُّوۡنَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ؕ

(پارہ:10،سورۂ انفال :47)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي الله جي رستي کان روڪي رهيا هئا.

هي مڪي جي ڪافرن جي ناڪامي جو ٽيون سبب آهي. مڪي جا ڪافر الله پاڪ جي دين کي ختم ڪرڻ، ماڻهن کي دين جي رستي کان هٽائڻ لاءِ نڪتا هئا جڏهن ته صرف 313 جو لشڪر الله پاڪ جو ڪلمو بلند ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. ان ڪري ڪافرن کي عبرتناڪ شڪست ملي ۽ اهي 313 جيڪي الله پاڪ جي دين کي بلند ڪرڻ چاهيندا هئا، انهن کي عظيم الشان فتح نصيب ٿي. اسان کي به اهو ئي حڪم ڏنو ويو آهي ته اي ايمان وارؤ! مڪي جي ڪافرن جي ناڪامي جو سبب توهان جي سامهون آهي، توهان هرگز ائين


 

 



[1]... تذکر ۃ الاولياء،باب چہارم،ذکر مالک دینار  ،جز:1 ،صفحہ:48   خلاصۃً۔