Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
دُنیا کے جھگڑوں سے یکسر چُھڑا کر غیروں کی الفت کو دِل سے مٹا کر
شاہِ والا مجھے اپنا بنا لو! اپنا بنا لو! مجھے، اپنا بنا لو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ٽئين نمبر تي الله پاڪ ارشاد فرمايو:
وَ اصْبِرُوْاؕ- (پارہ:10،سورۂ انفال :46)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ صبر ڪيو.
صبر ڪاميابي جي لاءِ تمام گھڻي ضروري شيءِ آھي. جيستائين اسان پنھنجي پيرن تي بيهي نٿا سگھون، تيستائين اسان ڪامياب نٿا ٿي سگھون. ڪاميابي اصل ۾ صبر جي نتيجي جو نالو آھي. ماڻهو ھر ميدان ۾، ھر مشڪل ۾ ثابت قدم رھي، دنيا جو ڪو طوفان به کيس پنھنجي مقصد کان ھٽائي نٿو سگھي، ڪيتري ئي مشڪل ھجي، سندس قدم نه ڏڪن، اھڙو شخص ھڪ نه ھڪ ڏينھن ڪاميابي حاصل ڪري ئي وٺندو آھي.
دنيا ۾ ڪا اھڙي ڪاميابي ناھي جيڪا بغير محنت ۽ بغير صبر جي حاصل ٿي سگھي. مثال طور ھڪ ٻار آھي، ان کي اسڪول جو امتحان ڏيڻو آھي ان جي دل ڪري ٿي ته مان به ٻين ٻارن وانگر کيڏان پر ھو پنھنجي ھن خواھش کي دٻائيندو آهي، صبر ڪندو آهي ۽ پنھنجي پڙھائي تي ڌيان ڏيندو آهي ان جي دل ڪندي آهي ته مان به گھمڻ، ڦرڻ وڃان، مان به موبائل تي پنهنجو وقت ضايع ڪريان پر ھو پنھنجي خواھش کي دٻائيندو آهي، صبر ڪندو آهي، استقامت سان پڙھائي ۾ محنت ڪندو رھندو آهي ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ اھو امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندو. جيڪڏھن پنھنجين خواھشن کي نه دٻائي، ٻين کي کيڏندي، سير وتفري ڪندي، وقت ضايع ڪندي ڏسي صبر نه ڪري سگھي ته نتيجو ڇا ٿيندو؟ اھو امتحان ۾ ناڪام ٿي ويندو. اھو ئي حال دنيا جي ھر ڪاميابيءَ جو آھي.