Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

رياڪاري ڪاميابي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي

ياد رکو! رياڪاري حقيقي ڪاميابي جي راهه ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي بلڪه هيئن چئو ته اهي سببَ، اهي ڪم، اهي ذريعا جيڪي اسان کي حقيقي ڪاميابي تائين پهچائي سگهن ٿا، رياڪاري انهن ئي ذريعن کي ناڪامي جا سببَ بڻائي ڇڏيندي آهي. يعني رياڪاري ايتري خراب بيماري آهي جيڪا اسان جي ڪاميابي جي ذريعن کي نقصان پهچائيندي آهي. مثال طور *نماز ڪاميابي جو وڏو اهم ۽ بنيادي ذريعو آهي، ڪيترا ئي اهڙا بزرگ آهن جيڪي نماز جي برڪت سان ولايت جي بلند درجن تائين پهچي ويا پر اها ئي نماز جيڪڏهن رياڪاري جي نيت سان پڙهي وڃي ته ڪاميابي جو ذريعو نه بلڪه گناهه جو سبب بڻجي ويندي آهي *قرآنِ ڪريم ڪاميابي جو وڏو ذريعو آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي ذريعي قومن کي عروج ۽ بلندي عطا فرمائيندو آهي. جيڪڏهن اهو ئي قرآنِ ڪريم ڪو رياڪاري جي نيت سان پڙهي، ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ان تي عمل ڪري ته ڇا ٿيندو؟ ڪاميابي ملندي؟ نه...!! ٻانهو ٻيڻو گنهگار ٿيندو.

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  تمام وڏا الله پاڪ جا ولي آهن، هڪ دفعي سندن دل ۾ خيال آيو ته ڪا اهڙي صورت ٿئي جنهن جي ذريعي مون کي مسجد جو مُتَوَلّي بڻايو وڃي. سو پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ ۽ ڪثرت سان نمازون پڙهڻ لڳا. ايتري ڪثرت سان نمازون پڙهڻ جي باوجود به ڪنهن سندن ڏانهن توجهه نه ڪئي، اهڙي ڪيفيت ۾ پورو سال گذري ويو، هڪ سال کان بعد سندن کي غيب مان آواز آئي: اي مالڪ! هاڻي توکي توبه ڪرڻ گهرجي.

هاڻي پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي حقيقت واضح ٿي ۽ سندن کي احساس ٿيو ته مون صرف مسجد جو مُتَوَلّي بڻجڻ جي خاطر پورو سال نمازون پڙهيون، افسوس! انهن ۾ الله پاڪ جي رضا مقصود نه هئي، اهو احساس ٿيندي ئي پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  توبه ڪئي ۽ هاڻي ئي کان اخلاص سان صرف الله پاڪ جي رضا لاءِ عبادت ڪرڻ لڳا، صرف هڪ رات ئي پاڻ عبادت ڪئي هئي،