Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو؛
وَ اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ لَا تَنَازَعُوْا فَتَفْشَلُوْا وَ تَذْهَبَ رِیْحُكُمْ وَ اصْبِرُوْاؕ-اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَۚ(۴۶) وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا وَّ رِئَآءَ النَّاسِ وَ یَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِؕ-وَ اللّٰهُ بِمَا یَعْمَلُوْنَ مُحِیْطٌ(۴۷) (پارہ:10،سورۂ انفال:46-47)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪيو ۽ پاڻ ۾ بي اتفاقي نه ڪيو نه ته توهان بزدل ٿي ويندؤ ۽ توهان جي هوا(قوت) ٽٽي ويندي ۽ صبر ڪيو، بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي ڪندي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي نڪتا ۽ اهي الله جي رستي کان روڪي رهيا هئا ۽ الله انهن جي سڀني عملن کي گهيري رکيو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! غزوۂ بدر اسلامي تاريخ جو پهريون غزوو آهي، 17 رمضان المبارڪ سن 2 هجري تي هي عظيم الشان معرڪو پيش آيو، هن ۾ ڪافرن جو تعداد تقريبن 1 هزار هو، مسلمان 313 جي تعداد ۾ هئا، يعني افرادي قوت ۾ واضح فرق هو، ڪافرن جو لشڪر مسلمانن کان 3 ڀيرا وڌيڪ هو، انهن وٽ ساز و سامان به گھڻو هو، جنگي اوزار به ڪافي تعداد ۾ هئا، ان جي باوجود مسلمانن کي عظيم الشان فتح نصيب ٿي ۽ ڪافرن کي عبرتناڪ شڪست ملي.
قرآنِ ڪريم ۾ هڪ کان وڌيڪ جڳهن تي غزوۂ بدر جو ذڪر موجود آهي ۽ هن مبارڪ معرڪي جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. اسان سيپاري:10، سورۂ انفال جون 2 آيتون (46 ۽ 47) ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هنن 2 آيتن ۾ غزوۂ بدر مان حاصل ٿيندڙ ڪجهه سبقَ بيان ڪيا ويا آهن.