Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

بيان جو خلاصو

هي ڪل 6 ڪم آهن. 3 جيڪي اسان کي ڪرڻا آهن: (1): الله ۽ رسول جي اطاعت (2): پاڻ ۾ اتفاق ۽ محبت (3): صبر. ۽ 3 ڪم اهي آهن جن کان اسان کي بچڻو آهي: (1): وڏائي ناهي ڪرڻي (2): رياڪاري ناهي ڪرڻي  (3): ڪڏهن به ڪنهن کي الله پاڪ جي رستي کان ناهي روڪڻو. هي 6 ڪم جيڪڏهن اسان ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هر ميدان ۾ ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجي ويندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

نيڪ اعمال(Naik Amal  موبائل ايپلي ڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ سلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal)  هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي * بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوال ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪوبه وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!  هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد