Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
دورانيي (وقت) جو لحاظ رکڻ به تمام ضروري آھي. ڪنھن صاحبِ علم کان پڇيو ويو ته اسان کي ڪيستائين صبر ڪرڻ گھرجي؟ انهن وڏو پيارو جواب ڏنو: چيائون: اللہ پاڪ فرمائي ٿو
اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَۚ(۴۶) (پارہ:10،سورۂ انفال :46)
ترجمو ڪنزالعرفان:: بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.
تنهنڪري جيستائين توهان چاهيو ٿا ته الله پاڪ (جي مدد ۽ نصرت) توهان سان گڏ رهي، تيستائين صبر ڪندا رهو. الله پاڪ اسان کي صبر ۽ برداشت جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔
هي اهي 3 ڪم آهن جيڪي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاء اسان کي ڪرڻا آھن (1) اللہ ۽ رسول جي اطاعت (2) پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد: (3) صبر. ھاڻي اھي 3 ڪم ٻڌو! جيڪي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪرڻ ضروري آھن:
الله پاڪ ارشاد فرمايو؛
وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بَطَرًا (پارہ:10،سورۂ انفال :47)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي ڪندي نڪتا.
هي غزوۂ بدر ۾ ڪافرن جي شڪست جي سببن جو بيان آهي ته اهي هڪ هزار جي تعداد ۾ هئا، جنگجو به هئا، ساز و سامان به انهن وٽ گهڻو هو، ظاهري سبب به انهن وٽ گهڻا هئا ۽ مسلمانن جو 313 جو لشڪر آهي، تلوارون به پوريون ناهن، کائڻ پيئڻ جو سامان به پورو ناهي، تعداد به ٻيڻو گهٽ آهي، ان جي باوجود مڪي جي ڪافرن کي شڪست ڇو ٿي؟ انهن جي ناڪامي جا سبب ڪهڙا هئا؟ الله پاڪ اهي سببَ اسان کي ٻڌايا پر خطاب اسان کي ئي ڪيو يعني انهن جي ناڪامي جا جيڪي سبب هئا، اسان کي فرمايو ته توهان اهي ڪم ڪڏهن به نه ڪجو.
اهي اسباب ڪهڙا آهن فرمايو؛