Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

بنيادي طور تي ائين ئي سمجھو ته ظاهري اسباب ۽ افرادي قوت ۾ ايترو واضح فرق هجڻ جي باوجود آخر ڪافرن کي شڪست ڇو ٿي؟ مسلمانن جي فتح جا سببَ ڇا هئا؟ هنن 2 آيتن ۾ انهن سببن کي ذڪر ڪيو ويو آهي يا ٻين لفظن ۾ هيئن چئو ته هڪ مسلمان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جا باطني سبب ڪهڙا آهن؟ هنن آيتن ۾ انهن سببن کي بيان ڪيو ويو آهي.

انداز تمام نصيحت ڀريو آهي ۽ خطاب اسان مسلمانن کي ڪيو ويو آهي ته ڪُل 6 ڳالهيون آهن جيڪي هتي ارشاد ٿيون. انهن مان 3 ڪم اهي آهن جيڪي اسان کي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ 3 ڪم اهي آهن جن کان اسان کي منع ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اسان اهي 3 ڪم ڪيون ۽ 3 ڪمن کان رڪجي وڃون ته جنهن طرح ميدانِ بدر ۾ 313 کي هڪ هزار جي لشڪر تي عظيم الشان فتح نصيب ٿي هئي، اهڙي ئي طرح  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اسان کي به هر ميدان ۾ فتح ۽ ڪاميابي نصيب ٿيندي.

 ڪاميابين جو اهو عظيم الشان فارمولو ڪهڙو آهي؟ اچو! ٻڌون ٿا:

(1) الله ۽ رسول جي اطاعت

الله پاڪ فرمايو:

وَ اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ (پارہ:10،سورۂ انفال:46)

 ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪيو.

هي ڪاميابيءَ جو سڀ کان پهريون ڏاڪو (درجو) آهي، هڪ مسلمان لاءِ ڪنهن به سطح تي ترقي، ڪاميابي ۽ عروج لاءِ سڀ کان ضروري جيڪا شيءِ آهي اها هيءَ ئي آهي ته مسلمان ٻانهو هر وقت، هر حال ۾، هر ميدان ۾ الله پاڪ ۽ سندس پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانبردار رهي. جڏهن اسان دل سان لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا اللَّهُ مُحَمَّدٌ رَّسُولُ اللَّه پڙهي ورتو،  دائرهءِ اسلام ۾ داخل ٿي وياسين، اسان مڃي ورتو ته الله پاڪ هڪ آهي، ان جو ڪو به