Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
ظاھري اسباب جي بنياد تي غرور ڪيو، الله پاڪ ٻن ننڍڙن ٻارڙن جي ذريعي ان کي ھلاڪ ڪري ڇڏيو.
مطلب ته؛ اھو سچ آھي ته غرور جو ڪنڌ ھميشه جھڪيل رهندو آھي. ان ڪري ڪڏھن به وڏائي نه ڪرڻ گھرجي، بس الله پاڪ جي حضور ۾ ڪنڌ جھڪائي ئي رکجي، عاجزي جو پيڪر ئي بڻيل رھجي. يقين مڃو! اسان جو ڪجھ به ناھي، طاقت به الله پاڪ جي آھي، قوت به ان جي آھي، حڪم به ان جو ھلندو آھي.
الله پاڪ سيپاري: 15، سورت ڪھف ۾ ھڪ سبق آموز واقعو ذڪر فرمايو آھي. ٻه شخص ھئا، انھن مان ھڪ ڪافر ھو، ھڪ مؤمن ھو، ڪافر مالدار ھو. ان جا ٻه باغ ھئا، انھن ۾ انگورن جون ٽاريون ھيون، کجور جا وڻ ھئا ۽ ھو انھن ۾ پوک به ڪندو ھو، باغن جي وچ ۾ نھر(شاخ) به ھئي، اھي ٻئي باغ پورا پورا ميوو ڏيندا ھئا.
ان بدبخت ڪافر تي مال جو نشو چڙھيو، ان تڪبر ڪيو ۽ غرور جي نشي ۾ مست ٿي مؤمن کي طعنا ڏنا ۽ چيو:
مَاۤ اَظُنُّ اَنْ تَبِیْدَ هٰذِهٖۤ اَبَدًاۙ(۳۵) (پارہ:15،سورۂ کہف:35)
ترجمو ڪنزالعرفان: مان گمان نٿو ڪيان ته هي (باغ) ڪڏهن ختم ٿيندو.
مؤمن ٻانهي ان کي ڏاڍو پيارو جواب ڏنو، پھريان ته هيئن چيو ته توھان وٽ مال آھي ته ڇا ٿي پيو، اللہ پاڪ مون کي ايمان جي دولت سان نوازيو آھي، توھان مالدار هجڻ جي باوجود به احسان فراموش آھيو پر مان پنھنجي ربّ ڪريم جو فرمانبردار آھيان، ڪنھن کي ان سان شريڪ نٿو بڻايان، پوءِ جتي توھان جي انھن باغن جو معاملو آھي ته ياد رکو!
فَعَسٰی رَبِّیۡۤ اَنۡ یُّؤۡتِیَنِ خَیۡرًا مِّنۡ جَنَّتِکَ (پارہ:15،سورۂ کہف:40)
ترجمو ڪنزالعرفان:: ته قريب آهي جو منهنجو رب مون کي تنهنجي باغ کان سٺو ڏي.
پوءِ نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو غرور ۽ تڪبر جو هميشه نڪرندو آهي. ان جي باغن تي مصيبت آئي ۽ اهي ٻئي باغ تباهه ۽ برباد ٿي ويا.