Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha

نه ٿجو، هرگز هرگز خدا جي رستي کان روڪڻ وارا نه ٿجو، نه ته جيئن مڪي جا ڪافر عبرت جو نشان بڻجي ويا هئا، توهان به ناڪام ٿي ويندا.

اڄڪلهه هي مصيبت به آهستي آهستي اسان جي معاشري ۾ عام ٿيندي پئي وڃي، ماڻهو ناحق نيڪي جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا هوندا آهن. خاص طور والدين ۽ عزيز رشتيدار نيڪ رستي تي هلڻ واري کي جيڪي طعنا ڏيندا آهن، دوست احباب ان کي جيڪو ستائيندا آهن، مثال طور ڪنهن سنت جي مطابق ڏاڙهي رکي ته ان تي ٽوڪون ڪرڻ لڳندا آهن، عمامو شريف سجايو، سنت جي مطابق لباس پائڻ لڳو ته ان کي ان نيڪ ڪم تي طعنو ڏنو ويندو آهي، اهڙي طرح ڪيئي والدين پنهنجي اولاد کي نيڪ راهه کان روڪيندا آهن، مثال طور علم دين سکڻ نه ڏيندا آهن، نيڪ اجتماعات ۾ شرڪت کان منع ڪندا آهن، اهڙن کي سنڀلڻ گهرجي.

مدني قافلي کان روڪڻ جو نقصان

احمد آباد (هند) جو واقعو آهي، هڪ عاشقِ رسول هڪ نوجوان کي ترغيب ڏئي مدني قافلي ۾ سفر لاءِ آماده ڪيو پر سندس والد صاحب دنياوي تعليم ۾ رڪاوٽ جي خوف کان اخروي تعليم جي سفر کان روڪيو.

ويچاري کي عاشقان رسول جي صحبت ملندي ملندي رهجي وئي، نتيجو اهو نڪتو ته هو برن دوستن جي هٿ چڙهي ويو ۽ شرابي بڻجي ويو. هاڻي سندس والد صاحب کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو، هن ان عاشق رسول کي درخواست ڪئي ته ان کي قافلي ۾ وٺي وڃ ته ان جي شراب جي عادت وڃي. ان عاشقِ رسول اسلامي ڀاءُ ٻيهر ان نوجوان کي مدني قافلي لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڇو ته ويچارو تمام گهڻو بگڙجي چڪو هو ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ مدني قافلي ۾ سفر لاءِ راضي نه ٿيو.

صحبتِ صالِح تُرا صالح کُنند                                                                                صحبتِ طالح تُرا طالح کُنند

وضاحت: سٺن جي صحبت توکي سٺو بڻائي ڇڏيندي ۽ برن جي صحبت توکي برو بنائي ڇڏيندي.

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد