Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

فرمايائون: اي انسانو! روئيندا ڪريو ۽ جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ جي ڪوشِش ڪندا ڪيو، ڇوته جهنَّم ۾ جهنّمي روئندا، ايستائين جو انهن جا لڙڪ انهن جي چِهرن تي ائين ڳڙندا ڄڻ اهي ناليون هجن، جڏهن لڙڪ ختم ٿي ويندا ته رت وهڻ لڳندو ۽ اکيون زخمي ٿي وينديون۔ (شرحُ السّنة للبغوي ج۷ ص ۵۶۵ حديث۴۳۱۴)

اسين الله پاڪ  جي بارگاھ ۾ جهنم کان پناھ گهرون ٿيون. اچو! خوف خدا ۾ روئڻ جي متعلق بزرگانٰ دين جا ٽي قول به ٻڌي وٺون ٿيون

حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: روئندا ڪريو! جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ جي ڪوشش ڪريو، ان ذات جو قسم جنهن جي قبضئ قدرت ۾ منهنجي جان آهي جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کي علم هجي ها ته اهو ايتري قدر دانهون ڪري ها جو ان جو آواز ٽٽي وڃي ها ۽ اهڙي طرح نماز پڙھي ها جو ان جي پٺي ٽٽي وڃي ها۔ (احياء العلوم ، ڪتاب الخوف والرجاء ج ۴، ص ۲۳۰)

حضرت سَيدُنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خوف مان هڪ ڳوڙهو وهائڻ منهنجي نزديڪ هڪ هزار دينار صدقو ڪرڻ کان وڌيڪ پسند آهي۔ (شعب الايمان، ص۱/۵۰۲،حديث: ۴۸۲)

حضرت سَيدُنا ڪعب الاحبار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضَي قدرت ۾ منهنجي جان آهي جيڪڏهن مان الله پاڪ جي خوف سبب روئان ايستائين جو منهنجا لڙڪ منهنجي ڳلن تي جاري ٿي وڃن ته اها ڳالھ مون کي هن ڳالھ کان وڌيڪ پسند آهي ته مان سون جو هڪ جبل صدقو ڪيان۔ (فيضانِ احياء العلوم، ص۱۷۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد