Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

نڪرندڙ ٻين پاڻين (Waters) کان مختلف هوندو آهي۔ ٭ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته هر شخص کي هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پندرهن (15)(Fifteen) منٽ تائين روئڻ گھرجي۔ ٭ هفتي ۾ هڪ ڀيرو روئڻ دماغي صلاحيتن تي سٺو اثر وجھندو آهي۔ ٭ ماهرن جو چوڻ آهي ته لڙڪ انساني جسم ۾ موجود ڪوليسٽرول (Cholesterol) کي گھٽ ڪندا آهن۔ ٭ ڳري طبيعت ۾ وهندڙ لڙڪ ذهني دٻاؤ جو خاتمو ڪندا آهن جنهن سان بلڊ پريشر (Blood pressure)، شوگر (Sugar) ۽ دل جو مرض (Heart diseases) لاحق ناهي ٿيندو۔ ٭ لڙڪن کي روڪڻ سان اکين ۾ ڊي هائيڊريشن ٿي ويندي آهي جنهن سان روشني ڪمزور ٿيندي آهي جڏهن ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو روئڻ سان روشني بهتر ٿيندي آهي۔ ٭ تحقيق مان اها ڳالھ به سامهون آئي آهي ته لڙڪن جي صورت ۾ جيڪو پاڻي اکين مان نڪرندو آهي ان ۾ ڪيئي طرح جا ڪيميائي جزا هوندا آهن۔ اهڙا لڙڪ انتهائي گھٽ مقدار ۾ به نڪرن ته ان جي نتيجي ۾ شريانن ۾ رت جا قطرا ڄمڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي ۽ جِلدي مرض (Skin diseases) مان نجات ملندي آهي۔ (مختلف ويب سائٹ سے ماخوذ)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ممڪن آهي ته ڳوڙها ڳاڙڻ جا فائدا ٻڌي روئڻ جو ذهن بڻجي رهيو هجي۔ اهو ياد رکو ته شرعاً جيڪو روئڻ پسنديده آهي ۽ جنهن تي ثواب آهي اهو روئڻ الله پاڪ جي لاءِ هجي، آخرت جي فڪر ۾ هجي، خوف خدا جي ڪري هجي۔ جڏهن ته دنيا جي لاءِ روئڻ تي اکين کي فائدو ته ملي سگھي ٿو پر ثواب نه ملندو۔ افسوس! اڄ اسان پنهنجي دنيا چڱي ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون بي چين آهيون۔ دنيا سٺي ٿي وڃي، صحت ٺيڪ ٿي وڃي، پريشانيون ختم ٿي وڃن، مصيبتون دور ٿي وڃن، مال ۽ دولت جي ڪثرت ٿي وڃي، قيمتي موبائل ملي وڃي، نئي گاڏي ملي وڃي، مطلب ته! بيشمار دنياوي مقصد آهن جو جن کي ماڻڻ جي لاءِ اسان پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪنديون آهيون پر افسوس آخرت کي بهتر ڪرڻ جو جذبو اهڙو نظر نٿو اچي جهڙُو هجڻ گهرجي. اي ڪاش! اسان کي به دُنيا جي ناپائيداري جو