Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جون جتي ۽ بي شمار بهارون آهن اتي هڪ بهار اها به آهي ته  هن مدني ماحول جي برڪت سان خوفِ خدا ۾ روئڻ نصيب ٿيندو آهي. اهو ئي مدني ماحول فڪرِ آخرت ۾ بيقراري جي ڪيفيت پيدا ڪندو آهي، اهو ئي مدني ماحول قبر ۽ آخرت جي ياد دل ۾ پيدا ڪندو آهي۔ اهو ئي مدني ماحول غمِ مدينه ۽ عشقِ رسول ۾ اشڪباري جو ذهن بڻائيندو آهي۔ اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔  ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”ماهوارمدني حلقو“ به آهي، هر مهيني جي ٽئين جمعرات  جو حلقي، علائقي يا شهر سطح  تي تربيتي حلقي جي ترڪيب  ڪئي ويندي آهي.(دورانيو وڌ کان وڌ 2 ڪلاڪ 26 منٽ آهي). جتي مدني مرڪز جي ڏنل طريقي ڪار جي مطابق غسل، وضو، نماز، سنتون، دعائون پڻ عورتن جا شرعي مسئلا وغيره، درس ۽ بيان جو طريقو ۽ دعوت اسلامي جون اصطلاحون ۽ درست تلفظ سيکاريا ويندا آهن پڻ شجرهءِ عطاريه جا اوراد  ۽ وظيفه به ياد ڪرايا ويندا آهن اوهان به  هنن مدني حلقن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪيو ۽ پنهنجي زندگي کي سنتن جي رنگ ۾ رنڱڻ جي ڪوشش ڪيو.

  دعوت اسلامي جي مدني حلقن ۾ شرڪت ۽ شجري شريف پڙهڻ جون ڪيئي برڪتون آهن ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ملاحظه فرمايو. جيئن 

باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ  گهريلو پريشانين ۾ گرفتارهئي. هر روز لڙائي جهڳڙي جو سلسلو رهندو هو جنهن جي ڪري گهر جو سڪون برباد ٿي چڪو هو، اها اسلامي ڀيڻ هن صورتحال کان ڏاڍي پريشان هئي، گهر ۾ امن جو ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪا واٽ نظر نه ايندي هيس. انهيءَ دوران پير ۽ مرشد اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي توجھ سان ان    کي اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل رسالي”شجرهء قادريه رضويه ضيائيه عطاريه“ مان شجرهءِ عاليه پڙهڻ جو خيال آيو، بس پوءِ ڇا ٿيو! ان شجري