Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڄي سڄي رات عبادت ۽ اشڪباري ۾ گذاري ڇڏيندا هئا۔ جڏهن ته انبياء ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام ۾ ڪيئي اهڙا آهن جو جن جي اشڪباري ۽ آھ ۽ زاري ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين برقرار رهندي هئي۔ اچو انبياءِ ڪرام جي خوفِ خدا ۾ روئڻ بابت پنج (5) روايتون ٻڌون ٿيون:

٭ منقول آهي ته حضرتِ سَيدُنا يحييٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن نَماز جي لاءِ بيهندا هئا ته (خوفِ خدا َ سبب) ايتري قَدر روئندا هئا جو وڻ (Trees) ۽ مِٽي جا ڀِتر به روئڻ لڳندا هئا ايستائين جو سندن عَلَيۡهِ السَّلَام جا والدِ ماجد حضرت سَيدُنا زَڪرِيا عَلَيۡهِ السَّلَام به حضرت يحييٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏسي روئندا هئا ايستائين جو بيهوش ٿي ويندا هئا۔ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام اهڙي طرح مسلسل لڙڪ ڳاڙيندا رهندا هئا، ايستائين جو لاڳيتو وهندڙ لڙڪن جي ڪري حضرت يحيٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڳلن  تي زخم ٿي پيا هئا۔ اهو ڏسي حضرت سَيدُنا يحييٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي امڙ سائڻ سندن جي ڳلن تي اُن واريون پٽيون لڳائينديون هيون۔ هن جي باوُجُود جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيهر نَماز جي لاءِ بيهندا هئا ته وري روئڻ شروع ڪندا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ اهي اُن واريون پٽيون آليون ٿي وينديون هيون، جڏهن سندن جي والِده پٽين کي سڪائڻ جي لاءِ نپوڙينديون هيون ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجن لڙڪن کي پنهنجي امڙ جي ٻانهن تي ڪرندو ڏسي بارگاھ اِلاهي ۾ عرض ڪندا هئا: اي الله پاڪ! هي منهنجا لڙڪ آهن، هيءَ منهنجي امڙ آهي ۽ مان تنهنجو ٻانهو آهيان جڏهن ته تون سڀ کان وڌيڪ رَحم فرمائڻ وارو آهين۔ (احياء العلوم ، ڪتاب الخوف والرجاء ،۴/ ۲۲۵ از خوفِ خدا، ص۴۵)

٭ اهڙي طرح حضرت سَيدُنا شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ خوفِ خدا سان ايترو روئيندا هئا جو مسلسل روئڻ جي ڪري سندن اڪثر اکين جي روشني ختم ٿي وئي۔ ماڻهن عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا پيارا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! اوهان ايترو ڇو روئو ٿا جو اوهان جو نور پڻ ويندو رهيو؟ ارشاد فرمايائون: ٻن ڳالهين جي سبب۔ (۱) ڪٿي منهنجي نظر اهڙي شيء تي نه