Book Name:Be Misal Auratain

خضوع بابت ارشاد فرمايو: زينب بنتِ جحش (رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها) خشوع اختيار ڪرڻ واريون ۽ رب جي بارگاھ ۾ ٻاڏائڻ واريون آهن۔ (اسد الغابہ،حرف الزاء،۶۹۴۸،زینب بنت جحش، ۷/۱۴۰) حضرت بي بي زينب بنت جحش جي عادت هئي ته جيڪو ڪجھ پنهنجي هٿ سان ڪمائينديون هيون اهو تمام فقيرن ۽ مسڪينن کي ڏينديون هيون ۽ صرف ان ڪري محنت و مشقت ڪنديون هيون جو فقيرن ۽ محتاجن جي مدد ڪن۔ (جنتی زیور،ص ۴۹۳)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت جُوَيريه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن جيڪي وڏي عبادت گذار ۽ دين دار خاتون هيون، نماز فجر پڙھڻ کان پوءِ نماز چاشت تائين اوراد و وظائف ۾ مصروف رهنديون هيون۔

(جنتی زیور، ص۴۹۶)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت اُمِّ حبيبه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، اهي ڪيئي حديثن جون حافظه هيون، وڏيون عبادت گذار ۽ نيڪوڪار خاتون هيون۔ (جنتی زیور، ص۴۹۰)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت صفيه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، هي به اُنهن بي مثال عورتن ۾ شامل آهن جيڪي عبادت، تقويٰ و پرهيزگاري ۽ صدقو ڪرڻ جي اعتبار سان تمام عورتن جون سردار آهن۔

 (فیضان امہات المؤمنین،ص۳۱۰)

انهن ازواجِ مطهرات ۾ حضرت ميمونه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها به آهن، اهي به وڏيون پرهيزگار ۽ سنتن تي عمل ڪرڻ واريون خاتون هيون، مسواڪ سان محبت جو عالم اهو هو جو جڏهن ڪنهن ٻي ڪم ۾ مشغول نه ٿينديون هيون ته مسواڪ ڪرڻ لڳي وينديون هيون۔

(مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الطہارات، ما ذکر فی السواک، ۲/۲۱۹، حدیث:۱۸۱۲)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي وڏيون نيڪ هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي وڏيون عبادت گذار هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي دين تي عمل ڪرڻ واريون هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي پنهنجي شرم وحيا جي حفاظت ڪرڻ واريون هيون، * هي آهن اهي بي مثال عورتون جيڪي سڄي