Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ڪندو: يارَبّ! آسمان وارا ۽ زمين وارا سڀئي موت جو شڪار ٿي چڪا آهن پر جنهن کي تو زِندھ رکيو۔ الله پاڪ ان زِندھ رهڻ وارن کي خوب ڄاڻي ٿو پر فرمائيندو: ڪير ڪير باقِي آهي؟ مَلَڪُ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندو: يا رَبّ! تون زِنده آهين، توکي ڪڏهن موت نه ايندو۔ تنهنجي علاوه عرش کڻڻ وارا ملائڪ زنده آهن، حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل عَلَيۡهِمَا السَّلَام زِنده آهن ۽ مان به زِنده آهيان۔ هاڻي حضرت جبرائيل ۽ ميڪائيل عَلَيۡهِمَا السَّلَام تي موت طارِي ڪيو ويندو، اهي به موت جو ذائقو چکندا، پوءِ مَلَڪُ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندو: اي مالِڪ! جبرائيل ۽ ميڪائيل عَلَيۡهِمَا السَّلَام به موت جو ذائقو چکي ورتو۔ الله پاڪ فرمائيندو: هاڻي ڪير بچيو آهي؟ عرض ڪندو: مالِڪ! تون زِنده آهين، توکي ڪڏهن موت نه ايندو، تو کان علاوه عرش کڻڻ وارا ملائڪ زِنده آهن ۽ مان به زِنده آهيان۔ هاڻي پهريان عرش کڻڻ وارن ملائڪن تي، پوءِ حضرت مَلَڪُ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام تي موت اچي ويندو۔ هاڻي صِرف الله واحِد و قَهَّار باقِي رهندو، اهو بي نياز آهي، نه ان جو ڪو پيءُ نه ان جو ڪو پٽ، اهو ئي اَوَّل آهي، اهو ئي آخر آهي۔ هاڻي الله پاڪ فرمائيندو:

لِمَنِ الْمُلْكُ الْیَوْمَؕ-  (پاره24،سوره مومن:16)      

ترجمو: اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟

ان وقت ڪو جواب ڏيڻ وارو نه هوندو، الله پاڪ پاڻ ئي فرمائيندو:

لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ(۱۶) (پاره24،سوره مومن:16)

ترجمو: هڪ الله جي جيڪو سڀني تي غالب آهي.

پوءِ زمين ۽ آسمان کي ايئن ويڙهيو ويندو جيئن ڪاغذ ويڙهيو ويندو آهي، پوءِ ان زمين جي جڳھ تي ڪا ٻي زمين وڇائي ويندي، آسمان جي جڳھ ٻيو آسمان بڻايو ويندو۔ هاڻي الله پاڪ ٽي ڀيرا فرمائيندو: مان آهيان جَبَّار۔ جنهن کي منهنجو شريڪ ٿيڻ جي دعويٰ آهي، سامهون اچي۔ ان وقت ڪو به مٿو