Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ہائے حُسْنِ عَمَل نہیں پلے حشر میں میرا ہو گا کیا یارَبّ!

خوف دوزخ کا آہ! رحمت ہو خاکِ طیبہ کا واسطہ یارَبّ!

میرا نازُک بدن جہنّم سے از   طفیلِ   رضا   بچا   یارَبّ!([1])

جهنّم ۾ الله پاڪ کي پُڪارڻ واري جو واقعو

صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا ڪو اهڙو مؤمن به آهي جيڪو جهنّم ۾ باقِي رهجي ويندو؟ غيب ڄاڻڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ها! هڪ شخص جيڪو جهنّم جي اونهي کڏ ۾ هوندو ۽ وڏي آواز سان يَا حَنَّانُ، يَا مَنَّانُ پُڪاري رهيو هوندو، ان جو آواز ڏاڍيان هوندو، ايستائين جو حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ٻُڌندا ته تعجب وچان چوندا: اَلعَجَب! اَلعَجَب! يعني عجيب ڳالھ آهي، عجيب ڳالھ آهي! پوءِ حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام عرشِ اِلٰهي جي سامهون حاضِر ٿيندا، مٿو سجدي ۾ رکندا۔ الله پاڪ فرمائيندو: اِرْفَعْ رَاْسَکَ یَا جِبْرَائِیْل!اي جبرائيل! پنهنجو مٿو مٿي کڻ! حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام مٿو کڻندا، الله پاڪ فرمائيندو: اي جبرائيل! توهان ڪهڙي عجيب شيء ڏٺي؟ جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندو: يا الله پاڪ! مون هڪ آواز ٻڌو، ڪو شخص جهنّم جي اونهي کڏ ۾ آهي ۽ يا حَنَّانُ يامَنَّانُ چئي پُڪاري رهيو آهي۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي جبرائيل! مالِڪ (يعني جهنّم جي داروغي) وٽ وڃ! ان کي چئو: اهو ٻانهو جيڪو يَا حَنَّانُ، يَا مَنَّانُ پُڪاري رهيو آهي، ان کي جهنّم مان ڪڍي اچو...!

حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام جهنّم جي دروازي تي ويندا، در کڙڪائيندا، حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام ٻاهر ايندا، حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام انھن کي الله پاڪ جو


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:80۔