Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

اَلْقَارِعَةُۙ(۱) مَا الْقَارِعَةُۚ(۲) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الْقَارِعَةُؕ(۳) (پاره30،سوره قارعه:1-3)

ترجمو: اھا دل ڏڪائي رکندڙ. اها دل ڏڪائي رکندڙ ڇا آهي؟ ۽ توکي ڪهڙي خبر جو اها دل ڏڪائيندڙ ڇا آهي؟

سورت قارِعَه، آيت:6 ۽ 7 جي سمجھاڻي

پيارا اسلامي ڀائرو! اها قيامت آهي، اهو 50 هزار سالن جو ڏينهن آهي، افسوس! ميدانِ محشر جي گرمي...!! ماڻهو پگھر ۾ شل هوندا، ايترو پگھر نڪرندو جو 70 گز زمين ۾ جذب ٿي ويندو،([1]) پوءِ جيڪو پگھر زمين نه پِي سگھندي اهو مٿي چڙھندو، ڪنهن جي ڀيڏين تائين هوندو، ڪنهن جي گوڏن تائين هوندو، ڪنهن جي چيلھ تائين هوندو، ڪنهن جي سيني تائين، ڪنهن جي ڳچي تائين ۽ ڪافِر جي ته منهن تائين پگھر مٿي چڙهي ايندو جنهن ۾ هو غوطا کائيندو۔ ان گرمي ۾ اُڃ جي شِدَّت جو جيڪو عالَم هوندو، اهو بيان کان ٻاهر آهي، زبانون سُڪي ڪنڊو ٿي وينديون، دِليون ٽهڪي نڙي تائين پڄي وينديون۔ تقريباً 25 هزار سال تائين ماڻهو انهيء حال ۾ رهندا ۽ انتظار ۾ هوندا ته حِسَاب ڪڏهن شروع ٿئي ٿو، آخر شافِعِ محشر، محبوبِ رَبِّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت سان حِسَاب شروع ڪيو ويندو۔([2]) سوره قارِعَه جي آيت: 6 تا 11 ۾ انهيء حِسَاب جو ذِڪر آهي، جيئن آيت:6 ۽ 7 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَاَمَّا مَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِیْنُهٗۙ(۶) فَهُوَ فِیْ عِیْشَةٍ رَّاضِیَةٍؕ(۷) (پاره30،سورةالقارعة:6-7)                             

ترجمو: پوءِ بھرحال جنهن جا پُڙ ڳرا ھوندا. اھو ته دل گهري عيش ۾ هوندو.

يعني جنهن جون نيڪيون گھڻيون هونديون، ميزانِ عَمَل تي جنهن جي نيڪين جو پُڙ وزني هوندو، ان کي جنّت عطا ڪئي ويندي ۽ هو پسنديده زِندگي ۾ هوندو۔


 

 



[1]...بخاری، کتاب:الرقاق، صفحہ:1603، حدیث:6532۔

[2]...مسند احمد، مسند الشامیین، جلد:7، صفحہ:216، حدیث:17902۔