Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

خُدائے قہار ہے غضب پر، کھلے ہیں بدکاریوں کے دفتر

بچا لو آکر شفیعِ محشر، تمہارا بندہ عذاب میں ہے

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جو ڏينهن آهي، اڄ الله پاڪ جي ڪمال غضب جو اِظهار آهي، مون گنهگار جو اعمالنامو کوليو ويو آهي، اي شفاعت فرمائيندڙ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اچي بچائي وٺو! اوهان جو غُلام عذاب ۾ گرفتار ٿيڻ وارو ئي آهي۔

جهنّم جي خوفناڪ باهه جو بيان

 * جهنّم الله پاڪ جي قهر ۽ غضب جو مقام آهي * جهنّم جي باھ نهايت گرم آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: اها دُنيا جي باھ جهنّم جي باھ جي 70 حصن مان هڪ حصو آهي، جيڪڏهن هن دُنياوي باھ کي پاڻي سان ٻه ڀيرا ٿڌو نه ڪيو وڃي ها ته توهان هن مان فائدو نه کڻي سگھو ها * دُنيا جي باھ الله پاڪ کان دُعا ڪندي آهي ته اي الله پاڪ! مون کي جهنّم جي باھ ۾ ٻيهر نه موٽائجان * حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ قسم کڻي چيو: جيڪڏهن جهنّم کي سُئي جي سوراخ برابر کوليو وڃي ته تمام زمين وارا ان جي گرمي سبب مري ويندا * روايتن جي مطابق جهنّم جي باھ هزار سال تائين دُکائي وئي، ايستائين جو ڳاڙهي ٿي وئي، وري هزار سالن تائين دُکائي وئي، ايستائين جو سفيد ٿي وئي، وري هزار سالن تائين دُکائي وئي، ايستائين جو ڪاري سياھ ٿي وئي، هاڻي اها بلڪل ڪاري سياھ آهي، جنهن ۾ روشني جو نالو به نه آهي۔([1])


 

 



[1]...بہار شریعت، حصہ:1، جلد:1، صفحہ:163-165ملتقطاً۔