Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

نصيب فرماءِ ۽ جيڪو ٻانهو 3 ڀيرا جهنّم کان بچڻ جي دُعا ڪري ته جهنّم خود الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪري ٿو: يا الله پاڪ! هن ٻانهي کي جهنّم کان محفوظ فرماءِ۔([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مَسجِد دَرس

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن فتنن واري دَور ۾ نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ بالخصوص نيڪ صحبت اِختيار ڪرڻ جي حوالي سان عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول تمام وڏي نعمت آهي، اوهان به هن ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ خوب نيڪيون ڪري جنّت ۾ وڃڻ جو سامان ڪيو۔ ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن ۾ پڻ وڌ کان وڌ حِصو وٺو! ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! خود نيڪ بڻجڻ ۽ ٻين کي نيڪ بنائڻ جو بهترين موقعو ملندو۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم آهي: مسجد دَرس (يعني مسجد ۾ فيضانِ سُنَّت ۽ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جي ٻين ڪتابن ۽ رسالن مان درس ڏيڻ) اوهان به پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ تنظيمي طريقيڪار مطابق امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جي ڪتابن ۽ رسالن مان دَرس ڏيڻ جي عادت بڻايو ۽ ڪوشش ڪري موقعي جي مناسبت سان دَرس ڏيو! مثال طور ربيع الثاني اچي رهيو آهي ته هن مهيني ۾ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جا رسالا مُنّي جي لاش، جنات جو بادشاھ، نانگ جهڙو جِنّ انهن مان دَرس ڏيو!

جيڪڏهن اوهان دَرس نٿا ڏئي سگھو ته مسجد دَرس ۾ شرڪت ئي ڪرڻ جي عادَت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! عِلمِ دين سکڻ، نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪر ڪرڻ جو ذهن بڻجندو۔


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:صفۃ الجنۃ، صفحہ:605، حدیث:2572 ۔