Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

سچي توبه ڪري نيڪيون گڏ ڪرڻ ۾ مَصرُوف ٿي وڃو۔

کچھ نیکیاں کما لے جلد آخرت بنا لے  کوئی نہیں بھروسہ اے بھائی! زندگی

جنّت جي طلبگارن جي لاءِ پنج مدني گل

فقيه ابُو اللَّيث سمرقندي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو شخص جنّت جو طلب گار آهي، ان تي لازِم آهي ته 5 ڪمن تي هميشگي اختيار ڪري:

(1): پاڻ کي تمام گُنَاهن کان هر وقت بچائي رکي (ڇوته گُنَاھ الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب آهن ۽ الله پاڪ جي ناراضگي جنّت کان محروم ۽ جهنّم جو حق دار ڪرڻ واري آهي) (2): ٿوري دُنيا تي راضِي رهي، جو هڪ روايت ۾ آهي: جنّت جي قيمت دُنيا کي ڇڏڻ آهي (3): نيڪين جو حريص بڻجي وڃي۔ هر طرح جي نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهي (يعني ڪنهن نيڪي کي گھٽ نه سمجهي) ٿي سگھي ٿو ته اها ئي نيڪي مغفرت جو سبب بڻجي وڃي (4): نيڪ ماڻهن سان محبت رکي، اُنهن وٽ ويهي، انهن سان دوستي ڪري ۽ انهن جي صحبت ۾ رهي ڇوته جڏهن نيڪ ماڻهن جي بخشش ٿيندي ته هو پاڻ وٽ اُٿڻ ويھڻ وارن جي شَفَاعت ڪندا ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ جنّت ۾ وٺي ويندا۔([1]) حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَنۡتَ مَعَ مَنۡ اَحۡبَبۡتَ قيامت جي ڏينهن تون ان سان گڏ هوندين جنهن سان دُنيا ۾ محبت ڪندو آهين.([2]) (5): جهنّم کان بچڻ ۽ جنّت ۾ وڃڻ جون گھڻيون دُعائون گھري۔ حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي: جيڪو الله پاڪ کان 3 ڀيرا جنّت جو سُوال ڪري ته جنّت پاڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪري ٿي: يا الله پاڪ! هن (دُعا ڪرڻ واري) کي جنّت ۾ داخِلو


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، صفحہ:40-41۔

[2]...مسلم، کتابُ البِرِّ و الصِّلہ، صفحہ:1017، حدیث:2639۔