Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

اداري مڪتبة المدينه ترجمو ڪَنۡزُالاِيۡمَان، ترجمو ڪنز العرفان، تفسير خزائِن العرفان وغيره ڪتاب شايع (Publish) ڪيا آهن، انهن کي پڙھو * الحمد لله! مڪتبة المدينه تفسير صراط الجنان به شايع (Publish) ڪيو آهي * صراطُ الجنان اُردو زبان ۾ آهي * تمام آسان انداز ۾ لکيو ويو آهي * صراطُ الجنان اُردو ۾ لکيل تفسيرن ۾ هن وقت تائين سڀ کان جديد (Latest) تفسير آهي * هن ۾ قرآني آيتن جي آسان انداز ۾ سمجھاڻي سان گڏوگڏ قرآني آيتن مان ملندڙ سبق آموز مدني گل به ذِڪر ڪيا ويا آهن * عقائد ۽ اعمال جي درستگي لاءِ جڳھ به جڳھ احاديث، شرعِي اَحڪام، ڪٿي انهن اَحڪامن جون حڪمتون، بزرگانِ دين جا سبق آموز واقعا وغيره به آيت جي تفسير ڪندي ڏنا ويا آهن۔ اوهان پاڻ به صِراطُ الجنان مان روزانو گھٽ مان گھٽ 3 آيتون ترجمي تفسير سان پڙهڻ جي نيت ڪيو ۽ ٻين کي ان جي ترغيب پڻ ڏياريو * الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ اَلقُرۡآن مَعَ تَفسِيۡر (Al-Quran with Tafseer) موبائِل ايپليڪيشن به جارِي ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن ۾ قرآنِ ڪريم، ترجمو ۽ تفسير صراط الجنان شامِل آهي * پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو، ان جي مدد سان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪيو، ترجمو ۽ تفسير پڙھو، قرآنِ ڪريم کي سمجھو ۽ ان تي عَمَل جي به ڪوشش ڪيو۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! زِندگي ۾ بهار اچي ويندي۔

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے                                                                                           ہر اِک پرچم سے اُونچا پرچمِ اسلام ہو جائے

(3): دُعا گُھرڻ مهل هڪ احتياط

  اي عاشقانِ رسول! اهي انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جن جو اسان ايمان افروز واقعو ٻڌو، انھن تي جڏهن خوفِ خُدا جو غلبو ٿيو ته انھن دُنياوي آزمائش ۽ آخرت جي بهتري جي دُعا گھري۔ اهو شايد خوفِ خُدا جي غلبي سبب ٿيو. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انھن کي تنبيه ڪندي فرمايو: ڇا اهو بهتر نه هو ته تون الله پاڪ کان دُنيا جي به