Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

کڻڻ وارو نه هوندو۔ هاڻي مخلوق کي ان نئين زمين تي رکيو ويندو، جيڪي پهريان قبرن ۾ ها، هاڻي نئين زمين جي قبرن ۾ هوندا، جيڪي پهريان زمين جي سطح تي مُئل هوندا، هاڻي نئين زمين جي سطح تي مُئل پيا هوندا۔

ٽئين ڀيري صُور ڦوڪڻ جو بيان

پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو پُرسوز بيان جارِي رکندي وڌيڪ فرمايو: الله پاڪ فرمائيندو: عرش کڻڻ وارا ملائڪ زِنده ٿي وڃن۔ پوءِ اهي زِنده ٿي ويندا۔ پوءِ حڪم ٿيندو: جبرائيل ۽ ميڪائيل عَلَيۡهِمَا السَّلَام زِنده ٿي وڃن۔ اهي به زِنده ٿي ويندا. هاڻي الله پاڪ حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم فرمائيندو: اُنۡفُخۡ نَفۡخَةَ الۡبَعۡثِ مرڻ کان بعد اُٿاريو وڃڻ جي لاءِ صُور ڦوڪيو...! حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام ٽئين ڀيري صور ڦوڪيندا، ان سان تمام رُوح نڪري ايندا، الله پاڪ فرمائيندو: منهنجي عِزّت ۽ جلال جو قسم! تمام رُوح پنهنجن جسمن ۾ هليا وڃن۔ سو تمام رُوح پنهنجن پنهنجن جسمن ۾ هليا ويندا، هاڻي زمين کلي ويندي ۽ توهان سڀئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي ويندؤ۔ الله پاڪ فرمائي ٿو: ([1])

مُّهْطِعِیْنَ اِلَى الدَّاعِؕ- یَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ هٰذَا یَوْمٌ عَسِرٌ(۸) (پاره27،سورةالقمر:8)                 

ترجمو: ان سڏيندڙ ڏانھن ڊڪندي ويندي ڪافر چوندا: هيء ڏاڍو سخت ڏينهن آهي.

اي عاشقانِ رسول! اها آهي قارِعه، اها آهي دِل ڏڪائيندڙ، هي آهي اها قيامت جنهن جو اسان سان وعدو ڪيو ويو آهي۔ هاڻي سوره قارِعَه جون آيتون ٻڌو! الله فرمائي ٿو:


 

 



[1]...مُسْندِ اِسْحاق بن راہویہ، مُسْنَدُ ابی ہریرہ، جلد:1، صفحہ:261، حدیث:10،ملتقطاً ۔