Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

وِرْدِ لب ہر دَم درود و سلام ہو                                                                                               یاشَہِ عرب وعجم! کر دو کرم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات  عملن جو دارومدار نيت تي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت کان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي.  تنهنڪري بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * نگاهون جهڪائي خوب توجھ سان بيان ٻُڌندس* ٻُڌي ڪري اُن تي عمل جي ڪوشش ڪندس * جيترو حصو ياد رهيو، اهو ٻين تائين پهچائي علمِ دين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

سُورة القَارِعَه بابت ايمان افروز واقعو

خادِمِ مصطفيٰ، صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ عادَت هئي ته جيڪڏهن ڪو صحابي 3 ڏينهن تائين بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر نه ٿيندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي باري ۾ پُڇا ڪندا هئا، جيڪڏهن اهو سَفر تي هوندو هو ته ان جي لاءِ دُعا گھرندا ها، جيڪڏهن مديني پاڪ ئي ۾ هوندو هو ته ان سان ملاقات جي لاءِ ويندا ها ۽ جيڪڏهن اهو صحابي بيمار هوندو هو ته ان جي عيادت پڻ ڪندا هئا۔

هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته هڪ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ 3 ڏينهن تائين بارگاھ رسالت ۾ حاضر نه ٿيا، حُضُورِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه


 

 



[1]...بخاری، ڪتاب:بَدءُ الوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔