Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ڪيترو خوفناڪ ڌماڪو ٿيندو...! ان وقت دِليون ڪيئن ڏڪي پونديون! ڪيتري بدحواسي طارِي ٿيندي...!! الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَیْءٌ عَظِیْمٌ(۱) یَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّاۤ اَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَ تَرَى النَّاسَ سُكٰرٰى وَ مَا هُمْ بِسُكٰرٰى  (پاره:17، سوره حج:1-2)

ترجمو: بيشڪ قيامت جو زلزلو وڏي سخت شيءِ آهي. جنهن ڏينهن توهان اُن کي ڏسندؤه حالت اھا ھوندي جو) هر کير پياريندڙ پنهنجي کيرپياڪ ٻار کي ويساري ويهندي ۽ هر حمل واري پنهنجو حمل ڪيرائي وجهندي ۽ تون ماڻهن کي ڏسندين ڄڻ نشي ۾ آهن ۽ اهي نشي ۾ نه هوندا.

 اي عاشقانِ رسول! اها آهي: قارِعَه...! اها آهي: ڪڙڪ! هي آهي اها دِل ڏڪائيندڙ۔ جنهن سبب دِليون ڏڪي وينديون، هنيانءُ ڦاٽي پوندا، بدحواسي طارِي ٿيندي، ايستائين جو مائرون پنهنجي کير پياڪ ٻارن کي وساري ڇڏينديون۔ هي اهو زلزلو آهي جو اهڙو زلزلو ڪڏهن ڪنهن نه ڏٺو هوندو، هي اها ڪڙڪ آهي جو اهڙي ڪڙڪ ڪڏهن ڪنهن نه ٻڌي هوندي، هي اها خوفناڪ تباهي آهي جو اهڙي تباهي جنهن جو پُوري طرح تَصَوُّر به نٿو ڪري سگھجي۔ ان ڪري الله پاڪ فرمايو:

وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الْقَارِعَةُؕ(۳) (پاره30،سورةالقارعة:3)  

ترجمو: ۽ توکي ڪهڙي خبر اها دل ڏڪائيندڙ ڇا آهي؟

 سورة قارِعَه،آيت: 4 ۽ 5 جي سمجھاڻي

سورة قارِعَه جي آيت: 4 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یَوْمَ یَكُوْنُ النَّاسُ كَالْفَرَاشِ الْمَبْثُوْثِۙ(۴)  

ترجمو: جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پروانن وانگر ھوندا.