Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

جنّت جي پسنديدهزِندگي

بهارِ شريعت ۾ آهي: * جنّت هڪ مقام آهي جيڪو الله پاڪ ايمان وارن جي لاءِ ٺاهيو آهي * جنّت ۾ اهي نعمتون آهن جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو آهي، نه ڪنن ٻڌو آهي، نه ڪنهن جي دِل ۾ انھن جو خيال گذريو آهي * جنّت ۾ هيري جواهرات سان جُڙيل محل آهن * جنّت جون ديوارون سون چاندي جي سرن سان ۽ مشڪ جي گاري سان بڻيل آهن * جنّت ۾ چار درياء آهن: هڪ پاڻي جو، ٻيو کير جو، ٽيون ماکي جو ۽ چوٿون شراب جو، انهن دريائن مان نهرون نڪري هر محل جي هيٺان گذرن ٿيون * جنتي شراب دُنيا جي شراب جهڙو نه آهي، اهو پاڪ شراب آهي، نه اھو ڪڙو آهي، نه ان ۾ نشو آهي * جنتين کي جنّت ۾ هر قسم جا لذيذ کان لذيذ کاڌا ملندا * جيڪي چاهيندا يڪدم انھن جي سامهون موجود هوندو * جيڪڏهن پاڻي وغيره جي خواهش هوندي يا جيتري انھن کي خواهش هوندي، ٺيڪ اندازي سان پاڻي، کير، شراب ۽ ماکي جا ڪوزا از خود انهن جي هٿ ۾ اچي ويندا * جنّت ۾ نه نجاست آهي، نه گندگي، نه ٿُڪ، نه سنگھ نه بدن جي مير * جنت ۾ هر شخص جي سيراندي گھٽ مان گھٽ 10 هزار خادِم هوندا * انهن ۾ هر خادِم جي هڪ هٿ ۾ چاندي جو پيالو هوندو، ٻي هٿ ۾ سون جو پيالو هوندو، هر پيالي ۾ نئين نئين رنگ جون نعمتون هونديون * جنتي شخص جيتريون نعمتون کائيندو ويندو، لذّت وڌندي ئي ويندي * هر گرھ ۾ 70 ذائقا هوندا * هر ذائقو پهريان کان جُدا هوندو * جنتين جا نه لباس پُراڻا ٿيندا، نه انهن جي جواني فنا ٿيندي ۽ اهي هميشه هميشه جنّت ئي ۾ رهندا۔([1])

روايت ۾ آهي: جڏهن جنّتي جنّت ۾ پهچي ويندا ته الله پاڪ ملائڪن کي فرمائيندو: منهنجي پيارن ٻانهن کي کارايو...! انهن کي لذيذ کاڌا پيش ڪيا ويندا، انهن کي هر گرھ تي عليحده لذّت ملندي، جڏهن اهي کاڌي کان فارِغ ٿي ويندا ته ملائڪن کي حڪم ٿيندو: منهنجي ٻانهن کي پيئاريو...! هاڻي اَهلِ


 

 



[1]...بہار شریعت، حصہ:1، جلد:1، صفحہ:152-157ملتقاطاً۔