Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف جي معني آھي: مون سنّت اعتڪاف جي نيّت ڪئي۔ نيّت دل جي ارادي کي چئبو آھي لھٰذا جڏهن به مسجد ۾ حاضر ٿيو، ھر ڀيري ياد ڪري، دل ۾ ارادو رکي عربي، اردو يا ڪنھن به ٻولي ۾ اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺڻ گھرجي۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفلي اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره ڪم شرعاً جائز ناهن، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

درودِ پاڪ جي فضيلت

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مسلمان جيستائين مون تي درود پڙھندو رهي، ملائڪ ان تي رحمت موڪليندا رهن ٿا، هاڻي ان جي مرضي آهي، گھٽ پڙھي يا وڌيڪ۔([1])


 

 



[1]...ضیائے درود وسلام، صفحہ:2۔