Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ناز رحمت پہ مجھ کو بڑا ہے               یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

آہ! رنج و الم نے ہے مارا                 یااِلٰہی! مجھے دے سہارا

ایک غمگین دِل کی صدا ہے              یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

سُورةُ القَارِعَه بابت سمجھاڻي

سورت قارِعه جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! * سورت قارِعه يعني جنهن مبارڪ سُورت جي تِلاوت انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ زبانِ مصطفيٰ مان ٻُڌي ۽ اُنھن تي خوفِ خُدا جو غلبو ٿيو، اها قرآنِ ڪريم جي مختصر سُورتن مان آهي * ٽيهين سيپاري ۾ آهي * هن ۾ هڪ رڪوع ۽ 11 آيتون آهن * هن سورت ۾ قيامت جي هولناڪين کي بيان ڪيو ويو آهي([2]) * بنيادي مضمون جي لحاظ کان سوره قارعه جا 3 حِصّا آهن: * پهرين حِصي ۾ قيامت جي دهشت ۽ هولناڪي جو بيان آهي * پوءِ جڏهن قيامت ايندي، ان وقت دُنيا جي حالت ڪهڙي ٿي ويندي، ٻي حصي ۾ ان جو مختصر بيان ٿيو * ۽ ٽئين حِصّي ۾ قيامت جي اختتام جو بيان آهي ته قيامت جي امتحان کان بعد ڪير ڪهڙي حال ۾ هوندو۔ اچو! سوره قارعه جي سمجھاڻي ۽ ان مان حاصِل ٿيندڙ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيون ٿا۔

سوره قارِعَه، آيت:1 تا 3 جي سمجھاڻي

سيپاري: 30، سوره قارِعَه جي ابتدائي 3 آيتن ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:134-137۔

[2]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۃ القارِعہ، جلد:10، صفحہ:801۔