Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

فرما هئا، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان به حاضِر هئا، غيب ڄاڻڻ واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بيشڪ الله پاڪ زمين ۽ آسمان بنائڻ کان بعد صُور کي بنايو ۽ حضرت اِسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي عطا فرمايو، هاڻي حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام صُور کي پنهنجي وات ۾ رکي ڪري، عرشِ اِلٰهي ڏانهن ڏسي رهيا آهن ۽ انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿو صُور ڦوڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي۔

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو صُور ڇا آهي؟ فرمايائون: هڪ (نُوراني) سنڱ آهي۔ مون عرض ڪيو: ڪيترو وڏو آهي؟ فرمايائون: تمام وڏو آهي، اُن ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجو ساھُ آهي! صُور جو دائرو زمين ۽ آسمان جي ويڪرائي جيان آهي۔ پوء فرمايائون: الله پاڪ حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي ان صُور ۾ 3 ڀيرا ڦوڪڻ جو حڪم ڏيندو:

(1): نَفۡخَهِ فَزَع (يعني گھبراهٽ جي ڦوڪ)        (2): نَفۡخَهِ صَعۡق (يعني موت جي ڦوڪ)

(3): نَفۡخَہِ قِيام (يعني موت کان بعد ٻيهر اُٿاريو وڃڻ جي ڦوڪ)

پهرين ڀيري صُور ڦوڪڻ جو بيان

پوءِ سرڪارِ عالي وقار مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هنن ٽنهي نفخن (يعني صُور ۾ ڦوڪيو وڃڻ) جو تفصيل بيان ڪندي فرمايائون: الله پاڪ حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي پهرين ڀيري صُور ڦوڪڻ جو حڪم ڏيندي فرمائيندو: اُنۡفُخۡ نَفۡخَةَ الۡفَزَعِ يعني گھبراهٽ جي ڦوڪ هڻو! حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام صُور ڦوڪيندا، ان جو هولناڪ آواز ٻُڌي زمين ۽ آسمان وارا گھٻرائجي ويندا، ها! جنهن کي الله پاڪ چاهيندو محفوظ رکندو، الله پاڪ جي حڪم سان حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام صُور ڦوڪڻ جي ان آواز کي ڊگھو ڪندا (يعني ڪافِي دير تائين صُور ڦوڪڻ جاري رکندا). ان جي هولناڪي سبب جبل ايئن هلڻ لڳندا جيئن ڪَڪر هلن ٿا، ايستائين جو ذرو ذرو ٿي ويندا،