Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ايمان افروز واقعي مان حاصل ٿيندڙ 3 مدني گل

(1): نماز تَوَجُّھ سان پڙھو...!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اهي انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ ڪيترا خُدا جو خوف رکندڙ هئا...!! ۽ غور فرمايو! اهي ڪيتري خشوع ۽ خضوع سان، پُوري توجُّھ سان نماز پڙھندا هئا۔ ڪاش! اسان به پنجن نمازن جا پابند بڻجي وڃون، ڪاش! توجھ سان، خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهڻ جي توفيق مِلي وڃي۔ جيڪڏهن اسان سُبۡحٰنَڪَ اللّٰهُمَّ کان وٺي يَوۡمَ يَقُوۡمُ الۡحِسَاب تائين پُوري نماز ۽ قرآنِ ڪريم جون ڪجھ سُورتون ترجمي سان ياد ڪري وٺون ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! معني تي تَوَجُّھ رکي، سمجھي ڪري دِل جمعي سان نماز پڙهڻ ۾ مدد ملندي۔

فلموں سے ڈراموں سے دے نفرت تُو اِلٰہی!                                                                   بس شوق مجھے نعت و تِلاوت کا خُدا دے

میں ساتھ جماعت کے پڑھوں ساری نمازیں                             اللہ!     عِبَادت میں مرے دِل کو لگا دے([1])

(2): تِلاوتِ قرآن جي باري ۾ هڪ مدني گل

 اي عاشقانِ رسول! انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي واقعي مان اسان کي هڪ ٻيو اهم ترين مدني گل سکڻ لاءِ مليو ۽ اهو آهي: قرآنِ ڪريم مان اَثَر وٺڻ۔ * هڪ آهي: قرآنِ ڪريم کي پڙھڻ يا ٻڌڻ * ٻيو دَرجو آهي: قرآنِ ڪريم جي معنائن کي سمجھڻ ۽ * ٽيون درجو آهي: قرآنِ ڪريم ۾ جيڪو ارشاد ٿيو، ان جو اَثَر وٺڻ۔ ڏسو! ان انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان سوره قارِعه ٻُڌي، ان جي مَعنائن کي سمجھيو ۽ ان مان اَثَر به ورتو، سوره قارِعه ۾ ڇو ته قيامت جي هولناڪين ۽ حسَابِ آخرت جو ذڪر آهي، تنهنڪري جڏهن انھن اها سُورت ٻُڌي ته انھن تي خوفِ خُدا جو غلبو ٿيو، اهو آهي قرآنِ ڪريم مان اَثَر وٺڻ۔


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:114۔