Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

زمين تي سخت زلزلو اچي ويندو، جيئن الله پاڪ فرمائي ٿو:

یَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُۙ(۶) تَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُؕ(۷) قُلُوْبٌ یَّوْمَىٕذٍ وَّاجِفَةٌۙ(۸) (پاره30،سورةالنازعات:6-8)

ترجمو: جنهن ڏينهن لڏڻ واري لڏندي. ان جي پٺيان ايندي پٺيان اچڻ واري. دليون اُن ڏينهن خوف زده هونديون.

سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن وڌيڪ فرمايو: ان وقت زمين سمنڊ ۾ ڦاٿل ان ٻيڙيءَ جيان هوندي جنهن کي سامونڊي لهرون لوڏي رهيون هونديون آھن ته ٻيڙيءَ جا سُوار منهن ڀر ڪري پوندا آهن، ان وقت کير پيئارڻ واريون کير پيئندڙ ٻارن کي وساري ڇڏينديون، حمل وارين جا حمل ڪري پوندا، ٻار خوف سبب پوڙها ٿي ويندا، شيطان زمين جي ڪنارن ڏانهن ڀڄندا پر ملائڪ انهن کي ماري ماري واپس ڌڪيندا، ان وقت عجيب ڪهرام متل هوندو، ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيا هوندا، هڪ ٻئي کي پڪاري رهيا هوندا، اڃا ماڻهو ان حال ۾ هوندا جو زمين ڦاٽي پوندي، هاڻي ماڻهن تي اهڙو خوف ۽ اهڙي دهشت هوندي جو ان جي ڪيفيت الله پاڪ ئي بهتر ڄاڻي ٿو، پوءِ ان سان گڏ ئي آسمان ڳريل چاندي جيان ٿي ڦاٽي پوندو، سج ۽ چنڊ بي نُور ٿي ويندا ۽ آسمان کي سندس جڳھ تان ڇڪيو ويندو۔

ٻئين ڀيري صُور ڦوڪڻ جو بيان

  پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ فرمايو: جيستائين الله پاڪ چاهيندو ماڻهو انهيء آفت ۽ بَلا ۾ مبتلا رهندا، پوءِ الله پاڪ حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي نَفخہِ صَعۡق (يعني صُور ۾ موت جي ڦوڪ هڻڻ) جو حڪم فرمائيندو۔ هن ڀيري صُور ڦوڪڻ سان آسمان وارن ۽ زمين وارن تي موت طاري ٿي ويندو، ها! جنهن کي الله پاڪ چاهيندو (ان کي ان وقت موت نه ايندو)۔ هاڻي حضرت مَلَڪُ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام رَبِّ جبار ۽  قهار جي بارگاھ ۾ عرض