Book Name:Surah-e-Al Qaria
هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مان دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان گُنَاهن جي دلدل ۾ ڦاٿل هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ جو ته تمام گھڻو شوقين هئس۔ منهنجي سڌرڻ جا سبب هي ٿيا جو اسان جي علائقي جي مسجد ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ مسجد دَرس ڏيندو هو، هڪ ڏينهن مان به دَرس ۾ شريڪ ٿيس، دَرس ٻڌو ته مون کي سٺو لڳو، علم جون کوڙ ساريون ڳالهيون سکڻ لاءِ مليون ۽ فڪرِ آخرت تي ٻَڌل ڳالهيون ٻُڌي دِل جي ڪيفيت ئي بدلجي وئي، مان روزانو مسجد درس ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس، ايئن آهسته آهسته دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول سان ملاقات به ٿيڻ لڳي، ان دوران هڪ ڀيري مون کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿي، تِلاوت، نعت ۽ سُنّتن ڀري بيان منهنجي دِل ۽ دماغ تي گھڻو اَثر ڪيو، پوءِ اجتماع جي آخر ۾ گھري ويندڙ رِقَّت انگيز دُعا دِل ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو، مان خوفِ خُدا ۾ ڏڪي ويس، اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، مون الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رَوئي رَوئي توبه ڪئي ۽ آئنده سُنّتن ڀري زِندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔([1])
ہے تجھ سے دُعا رَبِّ اکبر! ہو مقبول فیضانِ سنّت
مسجد مسجد گھر گھر پڑھ کر اسلامی بھائی سناتا رہے ([2])
ذِڪرُ الله ڪرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: مُفْرِد اڳتي وڌي ويا؟ عرض ڪيو ويو: مُفْرِد ڪير آهن؟ فرمايائون: ذِڪرُ الله ۾ بي خُود رهڻ (يعني ذوق، شوق سان هر وقت ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهڻ) وارا۔([3])