Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ننڍا ننڍا اُڏامندڙ جيت جيڪي عام طور تي برسات واري موسم ۾ نڪرندا آهن ۽ روشني مثال طور بلب وغيره جي چوڌاري گڏ ٿيندا آهن يعني پتنگ يا پروانا، انهن کي عربي ۾ فَرَاشٌ چئبو آهي۔ آيت سڳوري جي معني اها آهي ته جهڙي طرح پروانا شمع تي يا بلب وغيره تي ڪرڻ مهل وکريل هوندا آهن، انهن جي ڪا سَمت ناهي هوندي، ڪو ڪنهن پاسي وڃي رهيو هوندو آهي، ڪو ڪنهن پاسي پيو ويندو آهي، قيامت جي ڏينهن ماڻهن جو اهو ئي حال هوندو، جڏهن قبرن مان اُٿاريو ويندو، ته ماڻهو وکريل پروانن جيان وکريل هوندا، بدحواسي ۾ ڪو ڪنهن پاسي رُخ ڪري رهيو هوندو، ڪو ڪنهن طرف رُخ ڪري رهيو هوندو۔([1])

وَ تَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ الْمَنْفُوْشِؕ(۵) (پاره30،سورةالقارعة:5)  

ترجمو: ۽ جبل رنگ برنگي پڃيل اُن وانگر ٿي ويندا.

يعني دِل ڏڪائيندڙ قيامت جي هولناڪي ۽ دهشت سبب وڏا وڏا، مضبوط جبل ذرا ذرا ٿي هوا ۾ اهڙي طرح اُڏامندا، جيئن اُن (Wool) کي صاف ڪرڻ مهل ان جا اجزاء هوا ۾ اُڏامندا آهن۔ افسوس! اهو مضبوط جبلن جو حال آهي ته اندازو ڪيو! انسان جي هونئن ئي دِل نهايت ڪمزور هوندي آهي، ان هولناڪي ۽ دهشت جي وقت انسانن جو ڪهڙو حال هوندو...!([2])

اَللهُ اَڪْبَر! هي آهي: قارِعَه، اها آهي: دِل ڏڪائيندڙ، هي آهي اهو خوفناڪ وقت جڏهن جبل به پنهنجي جڳھ قائِم نه رهي سگھندا۔

قيامت قائِم ٿيڻ جو هولناڪ منظر

 صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن محفلِ نُور سجيل هئي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۃ القارِعہ، جلد:10، صفحہ:803۔

[2]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۃ القارِعہ، جلد:10، صفحہ:804۔