Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

جنّت کي بهترين شربت پيش ڪيا ويندا، انهن کي هر ڍُڪ تي عليحده لذّت ملندي۔ جڏهن اَهلِ جنّت پيئڻ کان فارِغ ٿيندا ته الله پاڪ فرمائيندو: اي منهنجا ٻانهؤ! مان توهان جو رَبّ آهيان، مون توهان سان ڪيل وَعدو پُورو ڪيو آهي، هاڻي مون کان گھرو! مان توهان کي عطا ڪندس. جنّتي عرض ڪندا: اي اسان جا پيارا الله! اسان توکان تنهنجي رضا گھرون ٿا۔ الله پاڪ فرمائيندو: بيشڪ مان توهان سان راضِي ٿيس، اڄ توهان جي لاءِ وڏو اِنعام آهي، اهڙي عِزّت جيڪا انهن تمام نعمتن کان اعليٰ آهي، پوءِ الله پاڪ اَهلِ جنّت کي پنهنجو ديدار ڪرائيندو۔([1]) پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجو ساھُ آهي، اَهلِ جنّت کي الله پاڪ جو دِيدار باقِي تمام نعمتن کان وڌيڪ عزيز هوندو۔([2])

اي عاشقانِ رسول! اها آهي جنّت جي پسنديده زِندگي ۽ اها ڪنهن کي ملندي؟ جنهن جي نيڪين جو پُڙ ڳرو هوندو۔ الله نه ڪري! الله نه ڪري! جنهن جو گُنَاهن جو پُڙ ڳرو ٿيو، جنهن جون نيڪيون گھٽ ٿيون، ان جو ڇا حال هوندو...؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِیْنُهٗۙ(۸) فَاُمُّهٗ هَاوِیَةٌؕ(۹) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَاهِیَهْؕ(۱۰) نَارٌ حَامِیَةٌ۠(۱۱) (پاره30،سورةالقارعة:8-11)

ترجمو: ۽ بھرحال جنهن جا پُڙ هلڪا ٿيندا. ته ان جو ٺڪاڻو ھاويه ٿيندو. ۽ توکي ڪهڙي خبر جو اھا ڇا آهي؟ هڪ ٻرندڙ باھ آھي.

معلوم ٿيو ته جيڪو دُنيا ۾ باطِل جو پيروڪار رهيو هوندو، جيڪو گنهگار رهيو هوندو، جنهن جا گُنَاھ گھڻا ٿيا هوندا، نيڪيون گھٽ هونديون، جيڪڏهن الله پاڪ جي رَحمت نه ٿي ته اهڙو شخص قيامت جي ڏينهن جهنّم جو ٻارڻ ٿيندو۔


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، صفحہ:38۔

[2]...تنبیہ الغافلین، صفحہ:37۔