Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

اي عاشقانِ رسول! ذِڪرُ الله جي ڪثرَت ڪرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي۔ * اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هر وقت ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهندا هئا۔([1]) * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادتِ مبارڪه هئي ته * اُٿندي ويهندي * هلندي ڦرندي * کائيندي پيئندي * سمهندي جاڳندي * وُضو ڪندي * نئوان ڪپڙا پائيندي * سوار ٿيندي * سواري تان لهندي * سفر ۾ ويندي * سفر تان واپس ٿيندي * مسجد ۾ ايندي ويندي * آنڌي، برسات، کنوڻ ڪڙڪڻ وقت غرض هر وقت ذِڪرُ الله جاري رکندا ها ۽ مختلف دُعائون زبان تي جاري رهنديون هيون * خوشي ۽ غمي جي وقت ۾ *..صبح کان شام تائين اهڙو ڪهڙو موقعو هو جنهن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪا دُعا نه پڙھندا هئا * رڳو ڏينهن نه بلڪ رات جي خاموشي ۾ به برابر دُعا ۽ ذِڪرِ اِلٰهي ۾ مشغول رهندا ها * ايستائين ج ووفات مهل به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان مبارڪ تي دُعا جارِي هئي۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت تي عَمَل ڪندي خُوب ڪثرت سان الله پاڪ جو ذِڪر ڪيون۔ مرآة المناجيح جلد:3، صفحي: 304 تي آهي: ذِڪر جون 3 قسمون آهن: (1): ذِڪر لِسَاني (زبان سان ذِڪر) (2): ذِڪر جِنَاني (يعني دِل ئي دِل ۾ الله پاڪ کي ياد ڪرڻ) (3): ذِڪر اَرۡڪاني (يعني پنهنجي عضوئن کي نيڪين ۾ مَصرُوف رکڻ) اهڙي طرح الله پاڪ جي نالن جو ذِڪر ڪرڻ اهو بِلاواسطه (Directly) ذِڪر آهي ۽ الله پاڪ جي محبوبن جو محبت سان ذِڪر ڪرڻ اهو بِالواسطه (Indirectly) ذِڪر آهي۔


 

 



[1]...بخاری، کتابُ: الاذان، صفحہ:221۔

[2]...سیرتِ مصطفےٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم، صفحہ:598 بتغیر قلیل۔