Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

جهنّمين جو کاڌو

      الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَوۡ اَنَّ قَطۡرَةً مِّنَ الزَّقُّوۡمِ قُطِرَتۡ فِىۡ بِحَارِ الدُّنۡيَا لَاَفۡسَدَتۡ عَلٰى اَهۡلِ الدُّنۡيَا مَعَايِشَهُمۡ يعني جيڪڏهن زَقُّوم (يعني ٿوهڙ جيڪو دوزخين کي کائڻ جي لاءِ ڏنو ويندو، ان) جو هڪ قطرو دنيا جي سمنڊن ۾ ڪيرايو وڃي ته دنيا وارن تي انهن جي زندگي جي سببن کي خراب ڪري ڇڏي۔([1])

جهنّمي هر  ڀلائي کان مايوس ٿي ويندا

ترمذي شريف جي هڪ ڊگھي حديثِ پاڪ ۾ آهي، الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جهنّم وارن کي بُک جو عذاب ڏنو ويندو، پوءِ اهو کاڌو گھرندا ته انهن کي باھ جا ڪنڊا کائڻ لاءِ ڏنا ويندا، اهي ڪنڊا نه ته بک ختم ڪندا نه ڪو فائدو ڏيندا، پوءِ جهنّم وارا کاڌو گھرندا ته انهن کي نِڙي ۾ ڦاسندڙ کاڌو ڏنو ويندو، هاڻي انهن کي ياد ايندو ته دُنيا ۾ جڏهن کاڌو نِڙي ۾ ڦاسندو هو ته پاڻي پيئندا هئا، ان ڪري هو پاڻي گھرندا ته انهن کي ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو ويندو، جڏهن اهو پاڻي انهن جي چهرن جي ويجھو ٿيندو ته انهن جي چهرن کي ڀُڃي ساڙي ڇڏيندو ۽ جڏهن اهو پاڻي انهن جي پيٽن ۾ ويندو ته انهن جي پيٽ جي اندر جي هر شيء ڪٽي ڇڏيندو۔

هاڻي جهنّم وارا تنگ اچي جهنّم جي نگهبان کي پُڪاريندا ۽ عرض ڪندا:

ادْعُوْا رَبَّكُمْ یُخَفِّفْ عَنَّا یَوْمًا مِّنَ الْعَذَابِ(۴۹)  (پاره:24، سورۂ مؤمن:49)        

ترجمو ڪنز العرفان: پنهنجي ربّ کان دعا ڪيو ته هو اسان تي هڪ ڏينهن ڪجھ عذاب (يا) عذاب جو هڪ ڏينهن هلڪو ڪري


 

 



[1]... معجم الاوسط، جلد:5، صفحہ:338، حدیث:7525۔