Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

جي هڪ ڀيري ڏنگڻ جو درد 40 سال تائين محسوس ٿيندو رهندو ۽ ان ۾ اهڙا وڇون آهن جيڪي ان  خچر جيان آهن جنهن تي پالان پيل آهي، اهي به ايئن ڏنگيندا جو 40 سالن تائين ان جي تڪليف محسوس ٿيندي۔([1])

جهنم جي باه 70 ڀيرا ساڙيندي

اي عاشقانِ رسول! جهنّم ۾ اهل جهنم جا جسم تمام وڏا وڏا ڪيا ويندا، حديثِ پاڪ ۾ آهي: جهنّم ۾ ڪافِر جي هڪ ڏاٺ اُحد جبل جي برابر هوندي ۽ ان جي جسم جي چمڙي 3 ڏينهن جي مسَافت جي برابر هوندي۔ ([2])

افسوس! جهنّم وارن جا ايترا وڏا وڏا جسم...! انهن جسمن کي باھ روزانو 70 ڀيرا ساڙيندي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

كُلَّمَا نَضِجَتْ جُلُوْدُهُمْ بَدَّلْنٰهُمْ جُلُوْدًا غَیْرَهَا  (پاره:5، سورۂ نساء:56)   

ترجمو ڪنز العرفان:  جڏهن به انهن جو کلون خوب سڙي وينديون ته اسان انهن جي کلن کي ٻين کلن سان بدلائي ڇڏينداسين.

هن آيت جي حوالي سان حضرت سيدُنا امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته هر ڏينهن باھ ان کي 70 هزار ڀيرا ساڙيندي، جڏهن اها انهن کي ساڙيندي ته انهن کي چيو ويندو ٻيهر پنهنجي پهرين حالت تي موٽي وڃو پوءِ اهي پهرين حالت تي موٽي ويندا۔([3])

افسوس! ايترا وڏا وڏا جسم! ۽ انهن تي جهنّم جي انتهائي سخت ۽ دردناڪ باھ... تصَوُّر ته ڪريو جو ان باھ جي ڪيتري تڪليف هوندي۔ حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جهنّم وارن تي روئڻ مُسَلّط ڪيو ويندو، هو روئيندا رهندا ايستائين جو لڙڪ ختم ٿي ويندا، پوءِ اهي رت جا لڙڪ وهائيندا، ايستائين جو انهن جي چهرن ۾ اهڙا کڏا پئجي ويندا جو انهن ۾ ڪشتيون ڇڏيون وڃن ته اهي هلڻ لڳن۔([4])


 

 



[1]... مسند احمد، جلد:7، صفحہ:296، حدیث:18184۔

[2]... مسلم، کتاب الجنۃ وصفۃ، صفحہ:1094، حدیث:2851۔

[3]... مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب ذکر النار، جلد:8، صفحہ:97، حدیث:35۔

[4]... ابن ماجہ، کتاب الزہد، صفحہ:701، حدیث:4324۔